YouVersion Logo
Search Icon

راڳ 2

2
1آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سوسن آهيان.
2جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبہ ڪنوارين ۾ آهي.
3جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.
4هن مون کي مجلس جي جاءِ ۾ آندو، ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت هو.
5اوهين مون کي ڪشمش سان آرام ڏيو، ۽ صوفن سان مونکي تازو توانو ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ محبت جي بيمار آهيان.
6هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر پيل آهي.
7اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پياري کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.
8اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.
9منهنجو محبوب هڪڙي هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي: ڏس، هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙکين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.
10منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.
11ڇالاءِ جو ڏس، سيارو گذري ويو آهي، مينهن بس ٿي لنگهي ويو آهي؛
12زمين تي گل نڪتا آهن؛ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي، ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پيئي ٻڌجي؛
13انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.
14اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.
15اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.
16منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.
17جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي، ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ، بلڪ تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿي، جو باتر جي جبلن تي آهي.

Currently Selected:

راڳ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in