نحمياہ 4
4
1پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀت پيا جوڙيون، تڏهن هو ڪاوڙيو، ۽ ڏاڍي چڙ ڏيکاريائين، ۽ يهودين تي ٺٺوليون ڪيائين، 2۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟ 3هاڻي طوبياہ عموني انهيءَ جي پاسي هو، انهيءَ چيو تہ جيڪي هو جوڙين ٿا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي ويندو تہ اها سندن ڀت ڀڃي ڪيرائي وجهندو. 4اي اسان جا خدا ٻڌ؛ ڇالاءِ جو اسين ڌڪاريل آهيون: هنن جو طعنو ڦيرائي هنن جي مٿي تي آڻ، ۽ هنن کي قيد جي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۾ ڏيئي ڇڏ: 5۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي. 6انهيءَ طرح اسان ڀت جوڙي؛ ۽ سڄي ڀت ان جي اڌ اوچائيءَ تائين ڳنڍجي ويئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي مرضي هئي تہ ڪم ڪن.
7پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طبياہ، ۽ عربن، ۽ عمونين، ۽ اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت جو ڪم وڌندو ٿو وڃي، ۽ جيڪي حصا انهيءَ ۾ ڀڳل هئا سي بند ٿي ٺهي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا؛ 8۽ هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي تہ اچي يروشلم سان وڙهن، ۽ ان ۾ گڙٻڙ وجهن. 9پر اسان پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي ڪري، ڏينهن رات هنن جي سامهون پهرو بيهاريوسين. 10۽ يهوداہ چيو تہ بار کڻڻ وارن جو زور گهٽجي ويو آهي، ۽ گهڻو ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي، جنهنڪري اسين ڀت جوڙي نٿا سگهون. 11۽ اسانجن دشمنن چيو تہ جيستائين اسين لنگهي سندن وچ ۾ نہ وينداسين، ۽ کين نہ ڪُهنداسين، ۽ ڪم بند نہ ڪنداسين، تيستائين هو نہ ڄاڻندا، ۽ نہ ڏسندا. 12۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي يهودي سندن ويجهو رهندا هئا سي جڏهن آيا، تڏهن هنن سڀني جاين تان ڏهہ ڀيرا اسان کي چيو تہ اوهين ضرور موٽي اسان وٽ اچجو. 13تنهنڪري آءٌ ڀت جي پٺيان پيل وٿيءَ جي تمام هيٺانهن ڀاڱن تي، کليل جاين تي، ماڻهن کي ترارن ۽ نيزن ۽ ڪمانن سان سندن قبيلن موجب ويهاري ويس. 14۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو. 15۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان جن دشمنن ٻڌو تہ اسان کي انهيءَ جي خبر پيئي آهي، ۽ خدا هنن جي صلاح مشورت برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اسين سڀ موٽي ڀت وٽ آياسين، ۽ سڀڪو پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. 16۽ انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي منهنجن نوڪرن مان اڌ جيترن ڪم ٿي ڪيو، ۽ اڌ جيترا نيزا، سپرون، ۽ ترارون، ۽ زرهون کنيو بيٺا هئا؛ ۽ حاڪم يهوداہ جي سڄي گهراڻي جي پٺيان بيٺا رهندا هئا. 17جن ڀت ٿي جوڙي، ۽ جن بار ٿي کنيو، تن مان هر ڪنهن هڪڙي هٿ سان ڪم ٿي ڪيو، ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجو هٿيار ٿي کنيو. 18۽ سڀ ڪنهن رازي جي چيلهہ سان ترار ٻڌي پيئي هئي، ۽ ائين اڏڻ جو ڪم پئي ڪيائين. ۽ جنهن قرناءِ ٿي وڄائي سو منهنجي پاسي کان بيٺو هو. 19۽ مون اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ٻين ماڻهن کي چيو تہ ڪم وڏو ۽ گهڻو آهي، ۽ اسين ڀت تي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو بيٺا آهيون: 20جنهن بہ هنڌ اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو، تہ اسان وٽ اچي گڏ ٿجو؛ اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو. 21انهيءَ طرح اسان ڪم پئي ڪيو: ۽ انهن مان اڌ جيترا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي تارن نڪرڻ تائين نيزا کنيو بيٺا هئا. 22ساڳئي وقت ۾ مون ماڻهن کي بہ چيو تہ سڀڪو پنهنجي نوڪر سان يروشلم ۾ رهيو پيو هجي، تہ رات جو هو اسان جي لاءِ پهري وارا ٿين، ۽ ڏينهن جو پورهيو ڪن. 23انهيءَ طرح نڪي مون، نڪي منهنجن ڀائرن، نڪي منهنجن نوڪرن، نڪي جيڪي پهري وارا منهنجي پٺيان هئا، تن مان ڪنهن بہ پنهنجا ڪپڙا لاٿا، سڀڪو پنهنجي هٿيار سان پاڻيءَ وٽ ٿي ويو.
Currently Selected:
نحمياہ 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.