YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ 1

1
1خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو. 2اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي. 3ڇالاءِ جو ڏس، خداوند پنهنجي جاءِ تان نڪري اچي ٿو، ۽ هيٺ اچي زمين جي مٿانهن مڪانن کي لتاڙيندو. 4۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي. 5ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟ 6تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن. 7۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا. 8انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس. 9ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي. 10جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان. 11اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي. 12ڇالاءِ جو ماروت جو رهاڪو چڱائي جي لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهي ٿو: پر خرابي خداوند وٽان يروشلم جي دروازي تائين پهتي آهي. 13اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا. 14تنهنڪري تون مورست جات کي طلاق ڏيندين: اڪذيب جا گهراڻا اسرائيل جي بادشاهن سان دغابازي ڪندا. 15اي مريسہ جا رهاڪو، آءٌ توتي قبضو ڪندڙ آڻيندس، جو تنهنجو مالڪ ٿيندو: اسرائيل جو جلال عدلام تائين بہ ايندو. 16پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.

Currently Selected:

ميڪاہ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in