YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ 2

2
1ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي. 2۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي. 3تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي. 4انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو. 5تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي. 6بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو. 7اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟ 8پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو. 9منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو. 10اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي. 11جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!
12اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا. 13ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.

Currently Selected:

ميڪاہ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in