YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 7

7
1۽ جڏهن هو ماڻهن کي پنهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم ۾ آيو. 2۽ هڪڙي صوبيدار جو نوڪر، جنهن سان هن جي ڏاڍي دل هئي، سو بيمار هو، ۽ مرڻ تي هو. 3جڏهن هن يسوع بابت ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن يهودين جي بزرگن کي ڏانهنس موڪليائين، تہ منهنجي نوڪر کي اچي بچاءِ. 4اُنهن يسوع وٽ اچي کيس ڏاڍو ليلائي چيو، تہ هو لائق ماڻهو آهي، تون مٿس اهو ٿورو ڪر: 5ڇوتہ هو اسان جي قوم جو گهڻ گهرو آهي، ۽ پاڻ اسان کي اسان جو عبادتگاهہ جوڙائي ڏنو اٿس. 6يسوع ساڻن گڏجي ويو، پر جڏهن گهر جي ويجهو آيو، تڏهن صوبيدار پنهنجن دوستن هٿان چوائي موڪليس، تہ اي خداوند، تڪليف نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ آئون انهيءَ لائق نہ آهيان جو تون منهنجي پَکي هيٺ اچين: 7تنهنڪري نڪي مون پاڻ کي لائق سمجهيو تہ تو وٽ اچان؛ پر تون کڻي واتان ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي پوندو. 8ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ سپاهي منهنجي حڪم ۾ آهن، ۽ هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو؛ ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ، تہ اچي ٿو؛ ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر، تہ ڪري ٿو. 9يسوع اهو ٻُڌي هن تي عجب کاڌو، ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ مون هيڏو ايمان اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو. 10۽ جيڪي وٽس موڪليا ويا هئا، سي جڏهن گهر موٽي آيا، تڏهن ڏٺائون تہ نوڪر چڱو ڀلو آهي.
11تنهن کانپوءِ هيئن ٿيو جو هو نائين نالي شهر ڏانهن ويو، ۽ سندس شاگرد ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو ساڻس گڏ هو. 12۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا. 13۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ. 14۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ. 15تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين. 16۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي. 17۽ سندس بابت اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ آس پاس واري سموري ملڪ ۾ چوڌاري هلي ويئي.
18۽ يوحنا جي شاگردن اهي سڀ ڳالهيون وڃي کيس ٻُڌايون. 19تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟ 20اُنهن ماڻهن وٽس اچي چيو، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توکان پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟ 21اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين. 22يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي، 23۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.
24۽ جڏهن يوحنا جا قاصد هليا ويا، تڏهن هو ميڙاڪن کي يوحنا بابت چوڻ لڳو، تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 25پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ اُچي پهريل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، ۽ عيش ۽ مزي ۾ ٿا گذارين، سي بادشاهي محلاتن ۾ هوندا آهن. 26پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ نبيءَ کي؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 27هي اُهو آهي جنهن بابت لکيل آهي، تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“ 28آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي. 29۽ عام خلق جن اهو ٻُڌو تن، ۽ محصولي ٺيڪيدارن، يوحنا جي بپتسما وٺي خدا جا انصاف مڃيا. 30پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون. 31سو هن زماني جي ماڻهن کي آئون ڪنهن سان مشابهت ڏيان؟ ۽ اُهي ڪنهن وانگر آهن؟ 32اُهي انهن ٻارن جي مثل آهن جي بازار ۾ ويهي، هڪ ٻئي کي سڏ ڪري ٿا چون تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين، اسان ماتم ڪيو، پر اوهان رُنو ئي ڪين. 33ڇالاءِ تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ شراب پيئندو آيو، ۽ اوهين چئو ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي. 34ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! 35پر جيڪي دانائيءَ جا ٻار آهن، تن منجهان ئي دانائي سچي ثابت ٿي ٿئي.
36۽ فريسين مان هڪڙي عرض ڪيس، تہ مون وٽ هلي کاءُ. تڏهن هو فريسيءَ جي گهر ويو، ۽ کائڻ ويٺو. 37تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي. 38۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين. 39پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي. 40تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو. 41تنهن تي هن چيو، تہ هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا، هڪڙي کي پنج سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ ٻئي کي پنجاهہ. 42پر وٽن هو ڪي بہ ڪين جو کڻي ڏينس، تنهنڪري ٻنهي کي کڻي معاف ڪيائين. هاڻي اُنهن ٻنهي مان کيس گهڻو پيار ڪير ڪندو؟ 43شمعون وراڻي ڏيئي چيو، تہ آئون ڀانيان ٿو تہ جنهن کي گهڻو معاف ڪيائين سو. تڏهن چيائينس، تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي. 44۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن. 45تو مون کي چُميو بہ ڪين، پر جيئن آئون آيو آهيان، تيئن هن منهنجن پيرن چُمڻ کان بس ئي نہ ڪئي آهي. 46تو منهنجي مٿي تي تيل نہ مکيو، پر هن منهنجي پيرن تي عطر مکيو آهي. 47انهي ڪري آئون توکي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ جي گهڻا آهن سي معاف ٿيا، ڇوتہ هن گهڻو پيار ڪيو آهي: پر جنهن کي ٿورو معاف ٿيو آهي، سو ٿورو پيار ٿو ڪري. 48۽ اُنهيءَ زال کي چيائين، تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا. 49تڏهن جن ساڻس گڏ ويٺي کاڌو، سي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي جو گناهہ بہ معاف ٿو ڪري؟ 50پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.

Currently Selected:

لوقا 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in