لوقا 2
2
1هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن. 2هيءَ پهرين آدمشماري هئي، جا سوريہ جي حاڪم ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو. 4۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛ 5انهي لاءِ تہ پنهنجي مڱ مريم، جا حمل واري هئي، تنهن سان گڏ نالو لکائي. 6۽ هيئن ٿيو تہ اڃا هو اتي ئي هئا تہ مريم جا ڏينهن اچي ڀريا. 7۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.
8۽ انهي ملڪ ۾ ڪي ريڍار هئا، ۽ جن رات جو پنهنجي ڌڻ جي سنڀال پئي ڪئي. 9۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ هنن وٽ اچي بيٺو، ۽ خداوند جو جلال انهن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو: ۽ هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 10پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي: 11ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي. 12۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا. 13۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو، 14تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“
15۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون. 16۽ هو تڪڙا تڪڙا آيا، ۽ اچي مريم ۽ يوسف ٻنهي کي، ۽ آهر ۾ پيل ٻار کي ڏٺائون. 17۽ جڏهن اهو ڏٺائون، تڏهن انهي ٻار بابت جيڪي ٻُڌو هئائون، سو پڌرو ڪرڻ لڳا. 18۽ جيڪي ڳالهيون ريڍارن ڪيون، سي ٻڌي سڀني کي تعجب وٺي ويو. 19پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي. 20۽ ريڍار سڀ ڪجهہ، جيئن کين چيو ويو هو، تيئن ڏسي خدا جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا موٽي ويا.
21۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.
22۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا، 23(جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ سڀڪو پهريتو پٽ خداوند لاءِ پاڪ ڪري سڏبو)، 24۽ خداوند جي شريعت جي ڪلام موجب، جوڙو قمرين جو، يا ٻہ ٻچا ڪبوترن جا، قرباني چاڙهڻ آيا. 25۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو. 26۽ پاڪ روح ڄاڻايو هوس تہ جيسين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيسين ڪين مرندين. 27هو روح جي هدايت تي هيڪل ۾ آيو، ۽ جڏهن اُنهيءَ ٻار يسوع کي سندس ماءُ پيءُ اندر وٺي آيا، تہ شريعت جي رسم موجب عمل ڪريون، 28تڏهن هن کيس هنج ۾ کڻي خدا جي تعريف ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ 29”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين: 30ڇو جو منهنجين اکين تنهنجي نجات ڏٺي آهي، 31جا تو سڀني قومن جي اڳيان تيار ڪئي آهي، 32تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“
33تڏهن جيڪي ڳالهيون هن بابت چيون ويون هيون، سي ٻُڌي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍو عجب کائڻ لڳا. 34۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي: 35(بلڪ تنهنجي جان منجهان ترار لنگهي ويندي،) تہ گهڻن جي دلين جا خيال پڌرا ٿي پون. 36۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛ 37۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي: 38سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي. 39۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.
40۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو.
41۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا. 42۽ جڏهن هو ٻارهن ورهين جو ٿيو، تڏهن اُهي عيد جي رسم موجب اوڏانهن ويا. 43۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ڪري موٽيا ٿي، تڏهن يسوع ڇوڪر يروشلم ۾ رهجي ويو؛ ۽ سندس مائٽن کي خبر ڪانہ پيئي، 44پر هنن ائين ڀانئيو تہ قافلي سان آهي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن جي منزل ڪري ويا؛ ۽ پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن ۾ کيس ڳولڻ لڳا: 45۽ جڏهن نہ لڌن، تڏهن کيس ڳولڻ لاءِ موٽي يروشلم ڏانهن ويا. 46۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين: 47۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو.
48۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي. 49تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟ 50پر اها ڳالهہ جا کين چيائين سا هنن کي سمجهہ ۾ نہ آئي. 51پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.
52۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.
Currently Selected:
لوقا 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.