لوقا 1
1
1اي معزز ٿئوفلس، جيئن تہ اُهي ڳالهيون جيڪي اسان جي اڳيان پوريون ٿيون آهن، تن جي ترتيب وار بيان لکڻ لاءِ گهڻن ڄڻن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو آهي، 2۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون، 3تنهنڪري مون کي پڻ ائين سهڻو نظر آيو، تہ جن ڳالهين جي مون شروع کان پوري پوري جاچ ڪئي آهي، سي سموريون سلسلي وار تو ڏانهن لکي موڪليان؛ 4تان تہ جن ڳالهين جي توکي تعليم مليل آهي، تن جي پڪ ٿئي ئي.
5يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي. 6اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا. 7پر کين اولاد ڪونہ هو، ڇو جو اليشبع سنڍ هئي، ۽ ٻئي عمر جا وڏا ٿي ويا هئا.
8پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن خدا جي حضور ۾، پنهنجي فرقي جي واري تي، ڪاهن جو ڪم پئي ڪيو، 9تڏهن مٿس هيءُ پُکو پيو، تہ ڪهانت جي رسم موجب خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري. 11۽ خداوند جي ملائڪ، لوبان واري قربانگاهہ جي ساڄي پاسي بيهي، هن کي ڏيکاري ڏني. 12۽ زڪرياہ هن کي ڏسندي ئي وائڙو ٿي ويو، ۽ ڊپ وٺي ويس. 13پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج. 14۽ توکي خوشي ۽ سرهائي ٿيندي؛ ۽ هن جي ڄمڻ ڪري گهڻا خوش ٿيندا؛ 15ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو. 16۽ هو بني اسرائيل مان گهڻن کي ڦيري، خداوند سندن خدا ڏانهن آڻيندو: 17۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري. 18تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ مون کي انهيءَ جي ڪيئن خبر پوندي؟ ڇالاءِ جو آئون پيرسن آهيان، ۽ منهنجي زال بہ اچي وڏي ٿي آهي. 19تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان. 20۽ ڏس، تون گونگو ٿي پوندين، ۽ جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، تنهن ڏينهن تائين تون ڳالهائي ڪين سگهندين، ڇالاءِ تہ منهنجو ڪلام جو پنهنجي وقت تي پورو ٿيندو، تنهن تي تو اعتبار نہ ڪيو آهي. 21۽ ماڻهو زڪرياہ لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، ۽ اهوئي عجب هون تہ هن پاڪ جاءِ ۾ هيتري دير ڇو لاتي آهي. 22پوءِ جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ ساڻن ڳالهائي نہ سگهيو: تڏهن انهن سمجهيو تہ هن پاڪ جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي: ۽ هن هٿن جا اشارا پئي ڪين، پر ڳالهائي ڪين سگهيو. 23۽ هيئن ٿيو جو جڏهن سندس خدمت ڪرڻ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا، تڏهن هو پنهنجي گهر هليو ويو.
24۽ انهن ڏينهن کانپوءِ سندس زال اليشبع حمل واري ٿي، ۽ پنج مهينا پنهنجو پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، ۽ چوڻ لڳي، 25تہ جنهن ڏينهن کان خداوند مون تي نظر ڪئي تہ مون تان ماڻهن جو مهڻو لاهي، تنهن ڏينهن مون سان هيئن ڪيائين.
26۽ ڇهين مهيني خدا وٽان جبرائيل ملائڪ گليل جي ناصرت نالي شهر ۾ هڪ ڪنواريءَ ڏانهن موڪليو ويو، 27جا دائود جي گهراڻي جي هڪ يوسف نالي شخص سان مڱيل هئي؛ ۽ انهيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم هو. 28۽ هن وٽس اندر اچي چيو تہ سلام توکي، جنهن تي وڏو فضل ٿيو آهي، خداوند توساڻ آهي. 29پر هوءَ هيءَ ڪلام ٻُڌي وائڙي ٿي ويئي، ۽ دل ۾ خيال ڪرڻ لڳي تہ هيءُ ڪهڙي قسم جو سلام آهي. 30تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي. 31۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج. 32هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو. 33۽ هو يعقوب جي گهراڻي تي هميشہ بادشاهي ڪندو، ۽ سندس بادشاهت جي آخر ئي ڪانہ ٿيندي. 34تڏهن مريم ملائڪ کي چيو، تہ اها ڳالهہ ڪيئن ٿيندي جو مون اڃا مرد جو منهن ئي ڪونہ ڏٺو آهي؟ 35تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو. 36۽ ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع بہ وڏيءَ عمر ۾ پٽ جي اُميد واري ٿي آهي، جنهن کي سڀ سنڍ چوندا هئا، تنهن کي بہ هيءُ ڇهون مهينو ڏٺو آهي. 37ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو. 38تڏهن مريم چيو تہ خداوند جي ٻانهي حاضر آهي، ڀلي تنهنجي ڪلام موجب مون سان ٿئي. پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.
39انهن ڏينهن ۾ مريم جلدي ڪري جابلو ملڪ ڏانهن، يهوديہ جي هڪڙي شهر ۾ ويئي؛ 40۽ زڪرياہ جي گهر ۾ وڃي اليشبع کي سلام ڪيائين. 41۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛ 42۽ وڏي سڏ چيائين، تہ مبارڪ آهين تون زالن ۾، ۽ مبارڪ آهي تنهنجي پيٽ جو ڦل. 43۽ مون سان اهڙو فضل ڪيئن ٿيو، جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ لنگهي اچي؟ 44۽ ڏس، جڏهن تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تڏهن ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپڻ لڳو. 45۽ اها مبارڪ آهي جنهن ايمان آندو، ڇو جو جيڪي ڳالهيون خداوند جي پاران کيس ٻڌايون ويون آهن، سي پوريون ٿينديون. 46تڏهن مريم چيو، تہ ”منهنجي جان خداوند جي وڏائي ٿي ڪري، 47۽ منهنجو روح منهنجي نجات ڏيڻ واري خدا ۾ سرهو ٿيو آهي؛ 48ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي ٻانهيءَ جي نماڻائيءَ تي نظر ڪئي آهي. جو ڏس اڄ کان وٺي سڀ ڪنهن زماني جا ماڻهو مون کي مبارڪ ڪري ڪوٺيندا. 49ڇوتہ جو قدرت وارو آهي، تنهن مون سان وڏو وڙ ڪيو آهي، ۽ سندس نالو پاڪ هجي. 50۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا. 51هن پنهنجي ٻانهن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي دل جا هٺيلا آهن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪيو اٿس. 52هن زور وارن کي تخت تان لاهي هيٺ ڪيو آهي، ۽ نماڻن کي چاڙهي مٿي ڪيو اٿس. 53هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس. 54هن پنهنجي ٻانهي اسرائيل جي سار لڌي آهي، 55تہ ابراهيم ۽ سندس اولاد سان هميشہ رحم ڪري، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو هئائين.“
56۽ مريم هن وٽ اٽڪل ٽي مهينا ٽڪي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر موٽي ويئي. 57هاڻي اليشبع جا ڏينهن اچي ڀريا ۽ کيس پٽ ڄائو. 58۽ جڏهن سندس پاڙي وارين ۽ مٽن مائٽن ٻڌو تہ خداوند مٿس ڏاڍي ٻاجهہ ڪئي آهي؛ تڏهن ساڻس گڏجي خوشي ڪيائون. 59۽ هيئن ٿيو جو اُهي اٺين ڏينهن ٻار جي سنت ڪرڻ آيا، ۽ سندس پيءُ زڪرياہ جو نالو ٿي رکيائونس. 60پر ماڻس جواب ڏيئي چيو تہ ائين نہ پر نالو يوحنا رکوس. 61تڏهن انهن چيس، تہ تنهنجي گهراڻي مان تہ ڪنهن جو بہ اهو نالو ڪونهي. 62تڏهن پڻس کي اشارا ڪيائون تہ تون ڪهڙو نالو رکڻ ٿو گهرينس؟ 63هن کانئن پَٽي گهُري ان تي لکيو، تہ هن جو نالو يوحنا آهي. ۽ سڀني کي ڏاڍو عجب لڳو. 64۽ اُنهي دم سندس وات ۽ زبان کُلي پيا، ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳو. 65تڏهن جيڪي اوسي پاسي رهندا هئا، تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ اهي سڀ ڳالهيون يهوديہ جي سڄي جابلو ملڪ ۾ هُلي ويون. 66۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني اُهي دل ۾ رکي چيو، تہ هيءُ ڪهڙو ٻار ٿيندو؟ ڇالاءِ جو خداوند جو هٿ مٿس هو.
67۽ سندس پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو، ۽ نبوت ڪري چيائين تہ 68”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي. 69۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس، 70(جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.) 71يعني اسان جا دشمن ۽ سڀ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن، تن سڀني کان اسان کي نجات بخشي اٿس؛ 72انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي. 73يعني اهو قسم جو اسان جي پيءُ ابراهيم سان کنيو هئائين، 74تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي، 75سندس پاڪ حضوريءَ ۾ پاڪيزگيءَ ۽ سچائيءَ سان ساري عمر بي ڊپا ٿي سندس عبادت ڪريون. 76۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين، 77انهي لاءِ تہ سندس اُمت کي نجات جي خبر ڏين، جا هنن کي گناهن جي معافي ڪري ملندي. 78هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو، 79تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“
80۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.
Currently Selected:
لوقا 1: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.