YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 14

14
1۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو فريسين جي هڪڙي سردار جي گهر ماني کائڻ ويو، ۽ هنن چتائي ويٺي نهاريس. 2۽ ڏسو، سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن کي جلندر جي بيماري هئي. 3۽ يسوع جواب ڏيئي شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي چيو، تہ سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ روا آهي يا نہ؟ 4پر هنن کڻي ماٺ ڪئي. تڏهن انهي کي وٺي چڱو ڀلو ڪري موڪل ڏنائينس. 5۽ هنن کي چيائين، تہ اوهان مان جيڪڏهن ڪنهن جو گڏهہ يا ڏاند کوهہ ۾ ڪِري پوي، تہ سبت جي ڏينهن جيڪر جهٽ ٻاهر ڪڍوس يا نہ؟ 6پر وري بہ اُنهن ڳالهين جو کانئن جواب ڪونہ اُڪليو.
7۽ هن جڏهن ڏٺو تہ مهمان مٿي مٿي جايون ٿا پسند ڪن، تڏهن هنن کي هيئن چئي هڪڙو مثال ڏنائين، 8تہ جڏهن ڪو توکي شاديءَ جي مانيءَ تي سڏي، تہ مٿينءَ جاءِ تي نہ ويهج، متان توکان بہ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ماني چئي هجيس، 9پوءِ جنهن توکي ۽ هن کي سڏيو آهي، سو اچي چويئي تہ هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏي؛ ۽ توکي ڦڪو ٿي سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي ويهڻو پوي. 10پر جڏهن توکي مانيءَ جي دعوت ملي، تڏهن سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي وڃي ويهہ، تہ جنهن توکي ڪوٺيو آهي، سو جڏهن اچي، تڏهن چويئي تہ ادا، مٿي اچي ويهہ: تہ جن سان گڏ کائڻ ويهين، تن اڳيان عزت ٿئي ئي. 11ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.
12۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين. 13پر جڏهن تون ماني ڪرين، تڏهن غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ منڊن ۽ انڌن کي سڏج: 14تہ توکي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو اُنهن وٽ ڪي ڪينهي، جنهن سان کڻي تنهنجو بدر پاڙين: پر توکي نيڪن جي قيامت ۾ اجر ملندو.
15پوءِ مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ مبارڪ آهي اُهو جو خدا جي بادشاهت ۾ ماني کائيندو. 16پر هن چيس، تہ ڪنهن شخص هڪ وڏي مجلس ڪئي، ۽ گهڻن کي دعوت ڏنائين: 17۽ مانيءَ مهل نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي وڃي چئُہ تہ هلو، جو هاڻي سڀ شيون تيار آهن. 18پر اهي سڀيئي گڏجي عذر ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس، تہ مون ٻني ورتي آهي، ۽ مون کي اُها ضرور وڃي ڏسڻي آهي: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ. 19۽ ٻئي چيو، تہ مون ڏاندن جا پنج جوڙا ڳڌا آهن، ۽ وڃان ٿو اُنهن کي آزمائڻ: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ. 20۽ ٻئي چيو، تہ مون شادي ڪئي آهي، سو مون کان آيو ڪين ٿيندو. 21سو نوڪر اچي پنهنجي مالڪ سان اُهي ڳالهيون ڪيون. تڏهن گهر جي مالڪ ڪاوڙجي نوڪر کي چيو تہ جلدي ڪري شهر جي بازارن ۽ گهٽين ۾ وڃ، ۽ غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ انڌن، ۽ منڊن کي هتي وٺي اچ. 22پوءِ نوڪر چيو تہ اي مالڪ، جيئن تو فرمايو تيئن ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ آهي. 23تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي. 24ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جن کي ڪوٺيو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي ماني ڪين چکندو.
25هاڻي ماڻهن جا ميڙاڪا ساڻس پئي ويا، تنهن تي هن ڦري چين تہ 26جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي. 27جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نٿو اچي، سو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي. 28ڇالاءِ جو اوهان مان اُهو ڪير آهي، جو جيڪڏهن ٺلهہ جوڙائڻ جي خواهش ڪري، تہ پهريائين ويهي اُن جو خرچ نہ ساري، تہ ان جي پوري ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ پيسو اٿم يا نہ؟ 29تہ متان بنياد کڻائڻ کان پوءِ پورو ڪري نہ سگهي، تہ جيڪي بہ ڏسن، سي سڀيئي مٿس کِلن: 30۽ چون تہ هن شخص اڏڻ شروع ڪيو، پر پورو ڪري ڪين سگهيو. 31يا اُهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي بادشاهہ سان جنگ ۾ مقابلو ڪرڻ وڃي، تہ پهريائين ويهي صلاح مصلحت نہ ڪري، تہ هو جو ويهن هزارن سان مون تي چڙهائي ڪري ٿو اچي، تنهن جي سامهون آئون پنهنجن ڏهن هزارن سان بيهي سگهندس يا نہ؟ 32نہ تہ هو اڃا پري ئي هوندو، تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي کانئس صلح جا شرط پڇندو. 33سو ساڳيءَ ريت اوهان مان ڪوبہ جيسين ڪ جيڪي اٿس، سو سڀ ڇڏي نٿو ڏئي، تيسين اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي. 34لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان سواد نڪري وڃي تہ اُن کي ڇا سان سلوڻو ڪجي؟ 35پوءِ نہ اُهو زمين جي ڪم جو ٿيو نہ ڀاڻ جي ڪم جو، پر کنيو ڦٽو ڪنس. جنهن کي ڪَن هجن، سو ٻُڌي.

Currently Selected:

لوقا 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in