YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 13

13
1هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو. 2هن جواب ڏيئي چين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڏا گنهگار هئا، ڇالاءِ جو هنن سان ههڙي جُٺ ٿي؟ 3آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي ساڳيءَ ريت چٽ ٿيندا. 4يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟ 5آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا.
6۽ هيءُ مثال ڏنائين، تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي ڊاک جي باغ ۾ انجير جو وڻ لڳل هو، سو آيو تہ ڏسان تہ منجهس ڪو ڦل آهي يا نہ، پر نہ مليس. 7تڏهن باغبان کي چيائين تہ ڏس، مون کي هن انجير جي وڻ مان ڦل ڳوليندي ٽي سال ٿيا آهن، پر ڦل ڪونہ ٿو ملي، تنهنڪري وڍي ڇڏينس؛ اجائي زمين ڇو والاريو بيٺو آهي. 8تنهن تي هن جواب ڏيئي چيس، تہ اي مالڪ، هيءُ سال بہ ڇڏينس، تہ آئون سندس چَلهو کوٽي ڀاڻ ڏيانس: 9۽ جيڪڏهن پوءِ ڦل جهليائين تہ واهہ، نہ تہ وڍي ڇڏجانس.
10۽ سبت جي ڏينهن هڪڙي عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏنائين. 11۽ ڏسو، هڪڙي زال هئي جنهن ۾ ارڙهن ورهين کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ڪمزور ٿيندي ويئي، ۽ ڪُٻي ٿي پيئي هئي، ۽ پُٺي سنئين ٿي نٿي سگهي. 12يسوع جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن سڏي چيائينس، تہ اي مائي، تون پنهنجي ڪمزوريءَ کان ڇُٽينءَ 13۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي. 14۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن. 15پر خداوند کيس جواب ڏيئي چيو، تہ اي رياڪارو، سبت جي ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجو ڏاند يا گڏهہ وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ ڪين وٺي ويندو آهي ڇا؟ 16تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟ 17هن جون هي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي بہ سندس برخلاف هئا، سي سڀيئي ڦڪا ٿيا: ۽ جيڪي جلالي ڪم هن پئي ڪيا، تن جي ڪري ساري خلق سرهي پئي ٿي.
18تنهنڪري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت ڇا جي مثل آهي؟ ۽ اُن کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟ 19اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو ڪنهن شخص کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ پوکيو، ۽ اُهو وڌي وڻ ٿيو، ۽ آسمان جا پکي سندس ٽارين ۾ اچي رهيا. 20۽ وري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟ 21اُها خمير جي مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي وڃي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو سڄو خميرجي پيو.
22۽ هو شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو، يروشلم ڏانهن سفر ڪندو پئي ويو. 23۽ هڪڙي چيس تہ اي خداوند، جن کي نجات ملندي سي ٿورا آهن ڇا؟ 24تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا. 25جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو. 26تڏهن اوهين چوڻ لڳندا تہ اسان تنهنجي اڳيان کاڌو پيتو، ۽ تون اسانجين بازارن ۾ تعليم ڏيندو هئين؛ 27۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو. 28جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 29۽ اُهي اُڀرندي ۽ اُلهندي، ۽ اُتر ۽ ڏکڻ کان ايندا، ۽ اچي خدا جي بادشاهت ۾ ويهندا. 30۽ ڏسو، ڪي پويان آهن سي پهريان ٿيندا، ۽ ڪي پهريان آهن سي پويان ٿيندا.
31اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي. 32۽ هن چين تہ انهي لومڙ کي وڃي چئو تہ ڏس، آئون اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان، ۽ ماڻهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان، ۽ پرينهن ڪماليت کي رسندس. 33پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي. 34اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو! 35ڏسو، اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو آهي، ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين مون کي تيسين ڪين ڏسندا جيسين ڪ چوندا تہ مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي.

Currently Selected:

لوقا 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in