YouVersion Logo
Search Icon

يوايل 2

2
1اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛ 2اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي. 3هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي. 4هنن جي ظاهري صورت گهوڙن جي صورت جهڙي آهي؛ ۽ جيئن جنگي گهوڙا ڊوڙندا آهن تيئن هو بہ ڊوڙن ٿا. 5هو ائين ٽپن ٿا جيئن جبلن جي چوٽين تي گاڏين جو گوڙ ٿيندو آهي، جيئن بهہ سڙڻ ۾ باهہ جا شعلا آواز ڪندا آهن، جيئن زور وارا ماڻهو صفون ٻڌي جنگ ڪندا آهن. 6هنن جي روبرو قومون مصيبت ۾ آهن: سڀ منهن ڦڪا ٿي ويا آهن. 7هو بهادر مردن وانگي ڊوڙن ٿا؛ هو جنگي مردن وانگي ڀت تي چڙهن ٿا؛ هرڪو سڌو قطار ۾ هلي ٿو، ۽ هو پنهنجون صفون نٿا ڀڃن؛ 8۽ نہ هڪڙو ٻئي کي ڌڪيلي ٿو؛ هرڪو پنهنجي واٽ تي هليو هلي: ۽ هو هٿيارن منجهان زور سان لنگهيو هليا وڃن، ۽ پنهنجي رستي کان ڇڄي پري نٿا وڃن، 9هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا. 10زمين هنن جي اڳيان ڌٻي وڃي ٿي؛ آسمان ڏڪن ٿا: سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن، ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين: 11۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟ 12انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو: 13۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو. 14ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟
15صيون ۾ قرناءِ وڄايو ۽ هڪڙو روزو مقرر ڪريو، جماعت گڏ ڪريو: 16ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي. 17ڀلي تہ ڪاهن، جي خداوند جا خدمتگار آهن، سي ڏيڍيءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ روئن، ۽ چون تہ اي خداوند پنهنجي قوم کي معاف ڪر، ۽ پنهنجي ميراث تي اُها خواري نہ آڻ تہ قومون انهن تي حڪم هلائين: ڇو هو قومن جي وچ ۾ چون تہ هنن جو خدا ڪٿي آهي؟
18تڏهن خداوند کي پنهنجي ملڪ جي لاءِ غيرت آئي، ۽ پنهنجي قوم تي رحم ڪيائين. 19۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس: 20پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي. 21اي ملڪ نہ ڊڄ، سرهو ٿيءُ ۽ خوشي ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن. 22اي جهنگ جا جانور نہ ڊڄو؛ ڇالاءِ جو بيابان جا چراگاهہ ساوا ٿيا آهن، ۽ وڻن پنهنجو ڦر جهليو آهي؛ انجير جو وڻ ۽ ڊاک پنهنجي طاقت پيدا ڪئي آهي. 23تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو. 24۽ پڙ ڪڻڪ سان ڀرجي ويندا، ۽ دنگ شراب ۽ تيل سان ڀرجي اُٿلي پوندا. 25۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو. 26۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي. 27۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ اسرائيل جي وچ ۾ آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.
28۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا. 29۽ اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن ۽ ٻانهين تي اوتي وجهندس. 30۽ آءٌ آسمانن ۽ زمين تي عجيب ڪم ظاهر ڪندس، يعني رت ۽ باهہ ۽ دونهين جا ٿنڀ. 31سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو. 32۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي سڏيندو، انهي کي ڇوٽڪارو ملندو: ڇالاءِ جو صيون جي جبل ۾ ۽ يروشلم ۾، جيئن تہ خداوند فرمايو آهي، اُهي وڃي بچندا جي ڀڄي ڇُٽندا، ۽ باقي بچيلن ۾ اُهي جن کي خدا سڏي ٿو.

Currently Selected:

يوايل 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in