يوايل 1
1
1خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.
2اي پير مرد اوهين ٻڌو، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهين ڪَن ڏيو. ڪڏهن اهڙي ڳالهہ اوهانجن ڏينهن ۾، يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ٿي آهي؟ 3اوهين اُها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو ۽ اوهان جا ٻار وري ٻيءَ پيڙهيءَ کي ٻڌائين. 4تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي. 5اي نشئي جاڳو، ۽ ماتم ڪريو. اي نشي باز، اوهين سڀ مٺي شراب جي ڪري روئو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي وات کان کسيو ويو آهي. 6ڇالاءِ جو هڪڙي زور واري ۽ وڏي قوم منهنجي ملڪ تي چڙهي آئي آهي؛ هن جا ڏند شينهن جا ڏند آهن، ۽ هن جي ڏاٺ وڏي شينهن جهڙي آهي. 7هن منهنجو انگورستان ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انجير جي وڻ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس: هن انهي کي بلڪل اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو اٿس؛ انهيءَ جون ٽاريون اڇيون ٿي ويون آهن. 8اوهين اُنهيءَ ڪنواريءَ وانگي ماتم ڪريو جنهن پنهنجي جواني واري مڙس لاءِ کٿو ڍڪيو هجي. 9کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا. 10ٻني ويران ٿي ويئي آهي، ملڪ ماتم ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اَن زيان ٿيو آهي، نئون شراب سُڪي ويو آهي، تيل گهٽجي ويو آهي. 11اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي. 12ڊاک ڪومائجي ويئي آهي، ۽ انجير جو وڻ سُڪي رهيو آهي؛ ڏاڙهونءَ جو وڻ، ۽ کجيءَ جو وڻ، ۽ صوف جو وڻ، بلڪ ميدان جا سڀ وڻ ڪومائجي ويا آهن: ۽ بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي. 13اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي. 14هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو. 15ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي! 16اسان جي اکين اڳيان کاڌو ڪَپيو نہ ويو آهي ڇا، هائو، خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گهر کان وڍي نہ ويئي آهي ڇا؟ 17ٻج مٽيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪِنو ٿو ٿئي؛ اَن جا انبارخانا ويران پيا آهن، ڀنڊار ڀڳا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو فصل سُڪي ويو آهي. 18جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن. 19اي خداوند آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن، ۽ شعلن جهنگ جا سڀ وڻ ساڙي ڇڏيا آهن. 20هائو، جهنگ جا مرون تنهنجي اڳيان سهڪن ٿا: ڇالاءِ جو پاڻيءَ جون نهرون سُڪي ويون آهن، ۽ باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن.
Currently Selected:
يوايل 1: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.