ايوب 14
14
1انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي.
2هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو.
3اهڙي شخص تي تون پنهنجون اکيون پٽين ٿو، ۽ مون کي پاڻ سان گڏ عدالت ۾ وٺي اچين ٿو ڇا؟
4ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.
5جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛
6تون هن کان ٻئي پاسي نهار تہ هن کي آرام اچي، جيستائين هو مزور وانگر پنهنجا ڏينهن پورا نہ ڪري.
7ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڻ وڍجي ٿو تہ اها اُميد رهي ٿي تہ هو وري ڦٽندو، ۽ انجي نرم ٽاري نڪرڻ کان بند ٿي نہ ويندي.
8جيتوڻيڪ ان جي پاڙ زمين ۾ پراڻي ٿي ويندي، ۽ ان جو ٿُڙ ڌرتيءَ ۾ سڪي ويندو،
9تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.
10پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟
11جيئن سمنڊ مان پاڻي گهٽجي وڃي ٿو ۽ ندي لهي سڪي وڃي ٿي،
12تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا.
13ڪهڙو نہ چڱو جي تون مون کي قبر ۾ لڪائين ۽ جيسين تنهنجي ڪاوڙ لهي وڃي تيسين مون کي لڪائي رکين، ۽ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري ڇڏين ۽ مونکي ياد ڪرين!
14جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي.
15تون سڏ ڪندين تہ آءٌ تو کي جواب ڏيندس: تو کي پنهنجن هٿن جي جڙيل شيءِ جي لاءِ خواهش هوندي.
16پر هاڻي تون منهنجون وکون ڳڻين پيو، تون منهنجي گناهہ جي سنڀال نٿو ڪرين ڇا؟
17منهنجو گناهہ ڳوٿريءَ ۾ بند ٿيل ۽ مهر ڪيل آهي، ۽ تون منهنجو گناهہ قابو ڪري رکين ٿو.
18تحقيق جيڪو جبل ڪري ٿو سو نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجي جاءِ تان پاسي ڪيو وڃي ٿو،
19پاڻي پٿر کي گسائي ٿو؛ ان جي اُٿل زمين جي مٽي وهائي ڇڏي ٿي؛ ۽ تون ماڻهوءَ جي اُميد ناس ڪرين ٿو.
20تون هميشہ هن تي غالب پوين ٿو ۽ هو لنگهيو وڃي؛ تون هن جي شڪل ڦيرائي ڇڏين ٿو ۽ هن کي روانو ڪيو ڇڏين.
21هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي.
22پر مٿس جيڪو ماس آهي تنهن ۾ درد رهي ٿو، ۽ هن جو روح هن منجهہ غمگين آهي.
Currently Selected:
ايوب 14: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.