يرمياہ 12
12
1اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟ 2تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن. 3پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک. 4ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو. 5جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟ 6ڇالاءِ جو خود تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ابي جي گهراڻي بہ تو سان دغابازي ڪئي آهي؛ انهن بہ تنهنجي پٺيان وڏيون رڙيون ڪيون آهن: جيتوڻيڪ اُهي توسان مٺو ٿا ڳالهائين تہ بہ تون انهن تي ويساهہ نہ رک.
7مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. 8منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي. 9منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن. 10گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي: 11هنن اُنهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي؛ اُهو ويران ٿي مون وٽ دانهون ٿو ڪري؛ سڄو ملڪ ويران ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل ۾ انهي جي ڳڻتي ڪانهي. 12بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي. 13هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.
14خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس. 15۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس. 16۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا. 17پر جي هو نہ ٻڌندا تہ آءٌ انهيءَ قوم کي پٽي ڪڍندس؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ پٽي ناس ڪندوسانس.
Currently Selected:
يرمياہ 12: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.