YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 11

11
1جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌايو؛ 3۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي. 4هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس: 5انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.
6۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اهي سڀ ڳالهيون يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ انهن جي تعميل ڪريو. 7ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو. 8انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.
9۽ خداوند مون کي فرمايو تہ يهوداہ جي ماڻهن ۾، ۽ يروشلم جي رهاڪن ۾ هڪڙو منصوبو معلوم ٿو ٿئي. 10هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي. 11تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس. 12تڏهن يهوداہ جا شهر ۽ يروشلم جا رهاڪو وڃي انهن معبودن وٽ دانهون ڪندا، جنهن کي هو لوبان جو نذرانو ڏين ٿا، پر مصيبت جي وقت ۾ هو انهن کي ڪڏهن بہ ڪين بچائيندا. 13ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون. 14تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.
15منهنجي گهر ۾ منهنجي محبوبہ جو ڪهڙو ڪم آهي، جڏهن ڏسجي ٿو تہ هن گهڻن سان بيشرمي ڪئي آهي، ۽ پاڪ گوشت تو منجهان نڪري هليو ويو آهي؟ جڏهن تون بڇڙائي ڪرين ٿي تڏهن خوش ٿي ٿين. 16خداوند توکي سهڻن ميون سان سينگاريل سائي زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو: هڪڙي وڏي غلغلي جي آواز سان هن اُنهن تي باهہ ٻاري آهي، ۽ انهي جون ٽاريون ڀڄي پيون آهن. 17ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.
18۽ خداوند انهي جي مون کي خبر ڏني ۽ مون سمجهيو. تڏهن تو مون کي هنن جا ڪم ڏيکاريا. 19پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي. 20پر اي لشڪرن جا خداوند، تون جو سچائي سان انصاف ڪرين ٿو، ۽ گردن ۽ دل جي آزمائش وٺين ٿو، سو تون هنن کان وير وٺ تہ آءٌ ڏسان: ڇالاءِ جو مون پنهنجي دعويٰ تنهنجي اڳيان پيش ڪئي آهي. 21تنهن ڪري خداوند عنتوت جي ماڻهن جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، يعني جي ماڻهو تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند جي نالي سان نبوت نہ ڪر متان اسان جي هٿان مري پوين: 22تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛ 23۽ هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو: ڇالاءِ جو آءٌ عنتوت جي ماڻهن تي خرابي آڻيندس، يعني هنن جي سزا جو سال.

Currently Selected:

يرمياہ 11: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 11