YouVersion Logo
Search Icon

هوسيع 9

9
1اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي. 2ان ڳاهڻ جو پڙ، ۽ شراب ڪڍڻ جو چيچڙو هنن کي قوت نہ پهچائيندو، ۽ نئون شراب کُٽي ويندو. 3هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا. 4هو خداوند جي نذرانن لاءِ شراب نہ هاري وجهندا، نڪي هو انهي کي وڻندا: هنن جون قربانيون سندن لاءِ ماتم جي مانيءَ وانگر ٿينديون؛ جيڪي انهي مان کائيندا سي پليت ٿيندا: ڇالاءِ جو هنن جي ماني سندن اشتها لاءِ ٿيندي؛ اُها خداوند جي گهر ۾ نہ ايندي. 5پاڪ جماعت واري ڏينهن، ۽ خداوند جي عيد واري ڏينهن، اوهين ڇا ڪندا؟ 6ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا. 7سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي. 8افرائيم منهنجي خدا وٽ نگهبان هو: باقي نبي، سو انهي جي سڀني راهن ۾ پکين ڦاسائيندڙ جو دام آهي، ۽ هن جي خدا جي گهر ۾ دشمني آهي. 9هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو. 10مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا. 11باقي افرائيم، سو ان جو شان شوڪت پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڪوبہ ٻار ڪونہ ٿيندو، ۽ ڪابہ پيٽ سان نہ ٿيندي، ۽ نہ ڪا ٻار واري ٿيندي. 12جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو. 13جيئن مون صور کي ڏٺو آهي، تيئن افرائيم بہ هڪڙي مزي جهڙي هنڌ لڳايو ويو هو: پر افرائيم پنهنجا ٻار ڪهڻ واري وٽ ڪڍي ايندو. 14اي خداوند هنن کي ڏي: تون ڇا ڏيندين؟ هنن کي ٻار ڪيرائيندڙ پيٽ، ۽ سُڪل ڇاتيون ڏي. 15هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن. 16افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس. 17منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.

Currently Selected:

هوسيع 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in