هوسيع 10
10
1اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن. 2هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو. 3هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ 4هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي. 5سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي. 6هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو. 7باقي سامريہ سو انهي جو بادشاهہ ائين وڍجي ويو آهي، جيئن پاڻيءَ تي گجي. 8آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو. 9اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟ 10جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون. 11۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو. 12اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي. 13اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو. 14تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي. 15ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ اوهان جي شرارت ڪري اوهان سان ڪيو ويندو: پرهہ ڦٽيءَ مهل اسرائيل جو بادشاهہ قتل ڪيو ويندو.
Currently Selected:
هوسيع 10: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.