پيدائش 34
34
1هاڻي لياہ جي ڌيءَ ديناہ، جا يعقوب مان ڄائي هيس، سا انهيءَ ملڪ جي ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ نڪتي. 2۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس. 3۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين. 4پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ مون کي هيءَ ڇوڪري وٺي ڏي، تہ ساڻس شادي ڪريان. 5۽ يعقوب ٻڌو تہ هن منهنجيءَ ڌيءَ ديناہ جي آبرو ورتي آهي، پر سندس پٽن جهنگ ۾ ڍور پئي چاريا، سو يعقوب انهن جي اچڻ تائين ماٺ ڪري ويٺو. 6۽ سڪم جو پيءُ حمور يعقوب سان گفتگو ڪرڻ لاءِ وٽس آيو. 7۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.
8پوءِ حمور هنن سان ڳالهہ ٻولهہ هلائي ۽ چيائين تہ منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو، 9تہ اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون: اوهين پنهنجيون ڌيون اسان کي ڏيو، ۽ اسان جون ڌيون اوهين وٺو. 10اوهين اسان سان گڏ رهو، هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان پيو آهي؛ ڀلي منجهس رهو ۽ واپار ڪريو ۽ منجهس مال ملڪيت حاصل ڪريو. 11۽ سڪم بہ ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ ڀائرن کي چيو تہ مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪريو، ۽ جيڪي اوهين چوندا، سو آءٌ ڏيندس. 12ڪيترو بہ ڏاج سوغات اوهين گهرندا، سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو. 13تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي ٺڳيءَ وارو جواب ڏنو؛ ڇالاءِ جو هن سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو ورتي هئي. 14سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو: 15پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ قبول ڪنداسين: تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي؛ 16پوءِ اسين اوهان کي پنهنجون ڌيون ڏينداسين، ۽ اوهان جون ڌيون وٺنداسين، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ رهنداسين. ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي قوم ٿي پونداسين. 17پر جي اوهين اسان جي ڳالهہ مڃي ختنو نہ ڪرائيندا تہ پوءِ اسين پنهنجي ڌيءَ وٺي هليا وينداسين.
18هنن جي اها ڳالهہ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي وڻي. 19سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو هن جي يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو. 20پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي منڊيءَ ۾ آيا، ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گفتگو ڪري چوڻ لڳا تہ 21هي ماڻهو تہ اسان سان صلح سان رهڻ ٿا چاهين، تنهنڪري ڀلي تہ هن ملڪ ۾ رهن، ۽ وڻج واپار ڪن؛ ڇالاءِ جو ڏسو تہ ملڪ هنن جي لاءِ گهڻو ئي پيو آهي؛ اچو تہ هنن جون ڌيون اسين وٺون، ۽ پنهنجون ڌيون هنن کي ڏيون. 22رڳو هن شرط تي هي ماڻهو اسان سان گڏ رهڻ، ۽ هڪڙي اُمت ٿيڻ قبول ڪندا تہ اسان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي، جيئن هنن جو بہ ختنو ٿيل آهي. 23پوءِ هنن جا ڍور، ۽ مال متاع، ۽ جانور، سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ رڳو اسين سندن ڳالهہ مڃينداسين تہ پوءِ هو اسان سان گڏجي رهندا. 24سو جيڪي ماڻهو سندن شهر جي منڊيءَ مان لنگهيا ٿي، تن حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي، ۽ هر ڪنهن مرد پنهنجو ختنو ڪرايو.
25۽ ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن کي سور ٿيو، تڏهن يعقوب جي پٽن مان ٻہ ڄڻا، شمعون ۽ لاوي، ديناہ جا ڀائر، پنهنجون تراريون کڻي اوچتو شهر جي مٿان ڪاهي آيا، ۽ سڀني مردن کي ماري وڌائون. 26۽ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي بہ ترار جي ڌار سان قتل ڪيائون: ۽ سڪم جي گهر مان ديناہ کي وٺي هليا ويا. 27يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي. 28هو انهن جا ڍور، ڌڻ، گڏهہ ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾ هو، سو سڀ ڦري کڻي ويا. 29۽ هنن جي سڀ دولت ڦري ۽ سندن ٻار ٻچا، ۽ زالون جهلي وٺي ويا؛ ۽ ٻيو بہ جيڪي گهر ۾ هو، سو ڦري لٽي کڻي ويا. 30تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين. 31تنهن تي هنن چيو تہ اهو هن کي لائق هو ڇا، جو اسان جيءَ ڀيڻ سان ڪسبياڻيءَ جهڙي هلت ڪري؟
Currently Selected:
پيدائش 34: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.