پيدائش 33
33
1پوءِ يعقوب پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ عيسوءَ کي چئن سوَن ماڻهن سان ايندو ڏٺائين. تڏهن هن لياہ کي، ۽ راخل کي، ۽ ٻنهي ٻانهين کي، ٻار ورهائي ڏنا. 2ٻانهين ۽ سندن ٻارن کي سڀني کان اڳ ۾ ڪيائين، ۽ انهن جي پٺيان لياہ ۽ سندس ٻارن کي، ۽ سڀني جي پٺيان راخل ۽ يوسف کي ڪيائين. 3۽ هو پاڻ انهن جي اڳيان هليو، ۽ جيسين پنهنجي ڀاءُ تائين پهتو، تيسين ست ڀيرا زمين تي جهڪي سجدو ڪيائين. 4تڏهن عيسو کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي، گلي لڳائي چميائينس: ۽ هو ٻئي روئڻ لڳا. 5پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن. 6پوءِ اهي ٻانهيون ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ جهڪي سجدو ڪيائون. 7تنهن کان پوءِ لياہ ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو، پڇاڙي ۾ راخل ۽ يوسف ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو. 8تڏهن هن چيو تہ هيءَ سڄي جماعت، جا مون کي اچي گڏي آهي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ مون تي منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر ٿئي. 9تڏهن عيسوءَ چيو تہ مون وٽ ججهو ئي آهي، جيڪي تنهنجو آهي، سو تو وٽ ئي رهي. 10پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين. 11سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي.
12پوءِ هن چيس تہ اچو تہ پنڌ پئون ۽ هلون، آءٌ تنهنجي اڳيان ٿو هلان. 13پر هن چيس تہ سائينءَ جن کي خبر آهي، تہ هي ٻار نازڪ آهن، ۽ ڌڻ ۽ ڍور جيڪي مون وٽ آهن، سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گهڻو ڪاهبو، تہ سڀ ڌڻ مري ويندا. 14تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو مالڪ پنهنجي ٻانهي کان اڳي هليو هلي، تہ آءٌ، هي ڍور جي اڳيان پيا وڃن، تن جي ٽور آهر، ۽ ٻارن جي وک سارو، آهستي آهستي هليو ايندس، جيسين ڪ شعير وٽ اچي پنهنجي مالڪ کي گڏجان. 15تڏهن عيسوءَ چيو تہ چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن، تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان. پر هن چيو تہ انهيءَ جو ڪهڙو ضرور آهي، شل منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي. 16پوءِ عيسو انهيءَ ڏينهن شعير ڏانهن موٽي ويو. 17۽ يعقوب سفر ڪندو سڪات ۾ پهتو ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيائين، ۽ پنهنجن ڍورن لاءِ ڇَنو ٻڌائين: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو سڪات پئجي ويو.
18پوءِ يعقوب فدان ارام مان نڪري سڪم شهر ۾ آيو، جو ڪنعان ملڪ ۾ آهي، ۽ شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪيائين؛ 19۽ جنهن زمين جي ٽڪر تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان سؤ سڪن تي خريد ڪيائين. 20۽ اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين ۽ انهيءَ جو نالو ايل ايلوہ اسرائيل رکيائين.
Currently Selected:
پيدائش 33: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.