پيدائش 15
15
1هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان. 2ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي. 3وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو. 4تڏهن خداوند جو ڪلام هن تي نازل ٿيو ۽ چيائينس تہ هي ماڻهو تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر جيڪو تو مان پيدا ٿيندو سو ئي تنهنجو وارث ٿيندو. 5۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو. 6۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.
7۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان. 8تڏهن هن چيو تہ اي خداوند خدا مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟ 9۽ هن چيس تہ منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو وهڙو، ۽ هڪڙي ٽسالي ٻڪري، ۽ هڪڙو ٽسالو گهيٽو، ۽ هڪڙي قمري، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو وٺي اچ. 10۽ هو اهي سڀئي وٺي آيو، ۽ انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين، ۽ هر هڪ جو هڪڙو حصو ٻئي جي سامهون ڪري رکيائين: پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين. 11پوءِ شڪاري پکي اچي انهن ٽڪرن تي لٿا، پر ابرام انهن کي هڪليندو رهيو. 12۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي. 13پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا. 14جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا. 15پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين. 16۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.
17۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو. 18انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي. 19يعني قيني، قنزي، قدموني 20حتي، فرزي، رفائني، 21اموري، ڪنعاني، جرجاسي ۽ يبوسي، انهن سڀني جو ملڪ، مون تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.
Currently Selected:
پيدائش 15: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.