YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 14

14
1پوءِ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ، ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، 2جو انهن سدوم جي بادشاهہ برع، ۽ عمورہ جي بادشاهہ برشع، ۽ ادمہ جي بادشاهہ سني اب، ۽ ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر، ۽ بالع، يعني ضغر جي بادشاهہ، سان جنگ ڪئي. 3اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. 4ٻارهن ورهيہ هنن ڪدرلاعمر جي تابعداري ڪئي ۽ تيرهين ورهيہ ۾ فساد ڪيائون. 5۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾، 6۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي. 7پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون. 8۽ سدوم جو بادشاهہ، ۽ عمورہ جو بادشاهہ، ۽ ادمہ جو بادشاهہ، ۽ ضبوئيم جو بادشاهہ، ۽ بالع، يعني ضغر جو بادشاهہ، سي هن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا. 9۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال، ۽ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ سان، سديم جي ماٿريءَ ۾ جنگ ڪيائون. هي چار بادشاهہ هنن پنجن سان وڙهيا. 10هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا. 11پوءِ اهي سدوم ۽ عمورہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي جون سڀ شيون کڻي ويا. 12۽ ابرام جو ڀائٽيو لوط جو سدوم ۾ رهندو هو، تنهن کي ۽ سندس سڀ مال متاع کي بہ هو کڻي ويندا رهيا.
13تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو. 14سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو. 15۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا. 16پوءِ هو سڀ مال متاع، ۽ پنهنجو ڀاءُ لوط ۽ سندس مال متاع، زالن ۽ ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو. 17۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو. 18۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. 19انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي. 20سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو. 21پوءِ سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ماڻهو مون کي ڏي، پر مال سڀ ئي تون پاڻ رک. 22پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي، 23تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو: 24جوانن جيڪي کاڌو ۽ جيڪي مون سان گڏ ويا هئا، تن جي حصي کان سواءِ آءٌ ڪي بہ ڪين وٺندس؛ يعني عانير، اسڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.

Currently Selected:

پيدائش 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in