خروج 11
11
1پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙي آفت آءٌ فرعون تي ۽ مصر تي آڻيندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، ۽ جڏهن هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، تڏهن پڪ آهي تہ هو اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو. 2تون هاڻي وڃي پنهنجن ماڻهن کي چئُہ تہ سڀ ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان، ۽ سڀ ڪا زال پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گهري وٺي. 3۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.
4پوءِ موسيٰ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آڌيءَ رات ڌاري آءٌ نڪري مصر جي ملڪ مان لنگهندس، 5۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا. 6۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو. 7پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو: انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ خداوند مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿو ڪري. 8۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.
9پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ منهنجا عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ گهڻا ٿين. 10۽ موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجيب ڪم فرعون کي ڏيکاريا، پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.
Currently Selected:
خروج 11: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.