آستر 9
9
1هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا، 2تڏهن يهودي، بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن جي شهرن ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ جن ماڻهن کين نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو، تن تي هٿ کڻن: ۽ ڪوبہ ماڻهو هنن کي روڪي ڪين سگهيو؛ ڇالاءِ جو هنن جو خوف سڀني قومن تي پيل هو. 3۽ پرڳڻن جي سڀني سردارن، ۽ نائبن، ۽ والين، ۽ بادشاهہ جي ڪامورن يهودين کي مدد ڏني؛ ڇالاءِ جو مردڪئيءَ جو خوف مٿن پيل هو. 4ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو. 5۽ يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي ترار جي ڌار سان، ۽ ڪوس ڪرڻ سان ماري مات ڪيو، ۽ جن جي ساڻن دشمني هئي، تن کي جيئن وڻين تيئن ڪيائون. 6۽ سوسن جي محلات ۾ بہ يهودين پنج سؤ ماڻهو ڪُهي چٽ ڪري ڇڏيا. 7۽ پرشنداتا، ۽ دلفون، ۽ اسپاتا. 8۽ پورتا، ادلياہ ۽ اردتا، 9۽ پرمشتا، ۽ اريسئي، ۽ اريدئي، ۽ ويزاتا، 10جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو. 11اُنهيءَ ڏينهن جيڪي ماڻهو سوسن جي محلات ۾ قتل ڪيا ويا، تن جو شمار بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. 12۽ بادشاهہ آستر راڻيءَ کي چيو تہ يهودين سوسن جي محلات ۾ پنج سؤ ماڻهو، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ ڪُهي چٽ ڪيا آهن؛ تڏهن هنن بادشاهہ جي ٻين پرڳڻن ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هاڻي تنهنجو عرض ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: يا تنهنجو وڌيڪ ٻيو سوال ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو پورو ڪيو وڃي. 13تڏهن آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪي يهودي سوسن ۾ آهن، تن کي موڪل ملي تہ اڄوڪي ڏينهن جي حڪم موجب سڀاڻي بہ ڪن، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا وڃن. 14۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا. 15پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو. 16۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو. 17اهو سڀ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ ڪيو ويو، ۽ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون. 18پر جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا سي اُن جي تيرهين تاريخ، ۽ چوڏهين تاريخ گڏ ٿيا؛ ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون. 19تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.
20پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين، 21جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن، 22جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين. 23۽ يهودين قبول ڪيو تہ جيئن شروع ڪيو هئائون، ۽ جيئن مردڪئي هنن کي لکيو هو، تيئن ڪندا رهندا؛ 24ڇالاءِ جو هامان بن همداتا اجاجي، ۽ سڀني يهودين جي دشمنن رٿ ڪئي هئي تہ سڀني يهودين کي ناس ڪن، ۽ پور يعني ڪُڻو وڌو هئائون، تہ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏين؛ 25پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو. 26انهيءَ ڪري پور جي نالي سبب انهن ڏينهن کي پوريم سڏيندا هئا. تنهنڪري انهيءَ خط جي سڀني لفظن سبب، ۽ جيڪي هنن انهيءَ ڳالهہ بابت ڏٺو، ۽ جيڪي وٽن آيو هو، تنهن جي سبب، 27يهودين ٺهراءُ ڪيو، ۽ پاڻ تي، ۽ پنهنجي اولاد تي، ۽ جيڪي ساڻن گڏ ٿيا تن سڀني تي، اهو فرض هموار ڪيو، تہ ضرور ان جي لکئي موجب، ۽ ان جي ٺهرايل وقت تي، هر سال اهي ٻہ ڏينهن عيد ڪندا رهن؛ 28۽ سڀ ڪنهن پيڙهيءَ ۾، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي ۾، ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي، ۽ سڀ ڪنهن شهر ۾، اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن، ۽ ملهايا وڃن؛ ۽ اهي پوريم جا ڏينهن يهودين مان وسري نڪري نہ وڃن، ۽ نہ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي وڃي. 29تنهن کانپوءِ ابيخيل جي ڌيءَ راڻيءَ آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ وڏي اختياريءَ سان لکيو تہ پوريم جو اهو ٻيو خط قائم رهي. 30۽ هن اخسويرس جي بادشاهت جي هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن ڏانهن سلامتيءَ ۽ سچائيءَ جي لفظن ۾ سڀني يهودين ڏانهن خط موڪليا، 31انهيءَ لاءِ تہ اهي پوريم جا ڏينهن، ٺهرايل وقتن تي، جيئن مردڪئي يهوديءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو، ۽ جيئن هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ، روزن رکڻ، ۽ ماتم ڪرڻ جي نسبت ۾ ٺهراءُ ڪيو هو، تيئن قائم رکندا اچن. 32۽ آستر جي حڪم، پوريم جون اهي ڳالهيون پڪيون ڪيون، ۽ اُهو ڪتاب ۾ لکيو ويو.
Currently Selected:
آستر 9: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.