پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين، جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن، جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.