YouVersion Logo
Search Icon

داني ايل 8

8
1بادشاهہ بيلشضر جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هڪڙو رويا مون کي، يعني مون داني ايل کي ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو. 2۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان. 3تڏهن مون مٿي نهاريو، ۽ ڏسان تہ نديءَ جي اڳيان هڪڙو گهٽو بيٺو آهي جنهن کي ٻہ سڱ آهن: ۽ اُهي ٻہ سڱ وڏا هئا؛ پر هڪڙو ٻئي کان وڏو هو، ۽ جيڪو وڌيڪ وڏو هو سو پڇاڙيءَ ۾ آيو. 4۽ مون گهٽي کي اُلهندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٽڪر هڻندو ڏٺو؛ ۽ ڪي بہ جانور هن جي اڳيان بيهي نہ ٿي سگهيا؛ ۽ نہ ڪو اهڙو هو جو سندس هٿان ڇڏائي سگهي؛ پر هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ۽ پاڻ کي وڏو ڪري ٿي ڏيکاريائين. 5۽ اڃا مون ويچار پي ڪيو، تہ ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر اُلهندي کان سڄي زمين جي سطح تان هليو ٿي آيو، ۽ زمين کي نہ ٿي ڇهيائين، ۽ انهي ٻڪر کي سندس اکين جي وچ ۾ هڪڙو حيرت جهڙو سڱ هو. 6۽ هو انهي ٻن سڱن واري گهٽي وٽ آيو، جو مون نديءَ جي اڳيان بيٺل ڏٺو، ۽ ڏاڍي زور مان انهي تي ڪاهي ويو. 7۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي. 8۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا. 9۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو. 10۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو. 11هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين. 12۽ لشڪر، انهي مدامي سوختني قربانيءَ سميت، گناهہ جي سبب، انهي جي حوالي ڪيو ويو؛ ۽ انهي سچائيءَ کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ جيئن وڻيس تيئن ٿي ڪيائين، ۽ ڪامياب پئي ٿيو. 13پوءِ مون هڪڙي پاڪ شخص کي ڳالهائيندو ٻڌو، ۽ ٻئي پاڪ شخص انهي پهرين ڳالهائڻ واري کي چيو، تہ مدامي سوختني قرباني، ۽ اُهو گناهہ جو ويران ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ پاڪ مڪان ۽ لشڪر ٻئي پيرن هيٺ لتاڙجي وڃن، تنهن جي بابت اُهو رويا ڪيستائين رهندو؟ 14۽ هن مون کي چيو تہ ٻن هزارن ٽن سوَن صبحن ۽ سانجهين تائين؛ پوءِ اُهو پاڪ مڪان صاف ٿيندو.
15۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو. 16۽ اُلائي جي ڪنارن وٽ مون هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو، تہ اي جبرائيل، هن ماڻهوءَ کي اهو رويا سمجهاءِ. 17تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي. 18هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو. 19۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، آءٌ توکي ٻڌائيندس تہ غضب جي آخر زماني ۾ ڇا ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو پڇاڙيءَ جو مقرر ڪيل وقت جي بابت آهي. 20اُهو گهٽو جو تو ٻن سڱن سان ڏٺو، اُهي ميديہ ۽ فارس جا بادشاهہ آهن. 21۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي. 22۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان. 23۽ اُنهن جي بادشاهت جي پوئين وقت ۾، جڏهن گنهگار پوريءَ حد تائين پهچندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ برپا ٿيندو جو هيبتناڪ شڪل جو هوندو، ۽ مشڪل مسئلا سمجهندو. 24۽ اُهو وڏي طاقت وارو ٿيندو، پر نہ پنهنجي طاقت سان؛ ۽ هو عجيب طرح جون خرابيون ڪندو ۽ ڪامياب ٿيندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو: ۽ هو زور وارن ۽ پاڪ ماڻهن کي ناس ڪندو. 25۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو. 26۽ سانجهين ۽ صبحن وارو رويا، جو فرمايو ويو آهي سو سچو آهي: پر تون اُهو رويا بند ڪري ڇڏ؛ ڇالاءِ جو اُهو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻ واري وقت جي بابت آهي. 27۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.

Currently Selected:

داني ايل 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in