رسولن جا ڪم 24
24
1۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو. 2۽ جڏهن اُنهي کي سڏ ٿيو، تڏهن طرطلس مٿس تهمت آڻي چوڻ لڳو، تہ جناب فيلڪس صاحب بهادر! اسين حضور جن جي وسيلي ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون، ۽ تنهنجي دور انديشيءَ جي ڪري هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيندا وڃن ٿا، 3۽ اسين هر طرح ۽ هر هنڌ ڏاڍي شڪرگذاريءَ سان تنهنجا ٿورا مڃيندا ٿا رهون. 4پر توکي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيان، تنهنڪري توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون مهرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالهيون ٻُڌ: 5ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي: 6۽ هيءَ بہ ڪوشش ڪئي اٿس تہ هيڪل جي بي عزتي ڪري: پر اسان پڪڙي ورتس، (۽ اسان جي مرضي هئي تہ پنهنجي شريعت موجب هن جو انصاف ڪريون، 7پر لوسياس سردار اچي زوريءَ اسان جي هٿان هن جي ٻانهن کسي ويو. 8۽ هن جي مدعين کي حڪم ڏنائين تہ تو وٽ اچن)، ۽ جن ڳالهين جو اسين مٿس ڏوهہ ٿا مڙهيون، تن جي پڇا جڏهن تون پاڻ پنهنجي سر ڪندين، تڏهن توکي معلوم ٿيندو. 9۽ يهودي بہ انهيءَ تهمت لڳائڻ ۾ اچي شامل ٿيا، ۽ چيائون تہ اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.
10۽ جڏهن حاڪم پولس کي اشارو ڪيو، تڏهن هن ورندي ڏني، تہ مون کي خبر آهي تہ گهڻن ورهين کان تون هن قوم جي عدالت ڪندو آيو آهين؛ تنهنڪري خوشيءَ سان آئون پنهنجو بچاءُ ٿو ڏيان. 11ڀلي تہ جاچ ڪري ڏس تہ ٻارهن ڏينهن مس ٿيندا جو آئون يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ ويو هوس؛ 12۽ هنن مون کي نڪي هيڪل ۾ بحث ڪندو، نڪي ماڻهن ۾ فساد مچائيندو ڏٺو؛ نڪي عبادتخانن ۾، نڪي شهر ۾. 13نڪي وري جن ڳالهين جو مون تي هاڻي الزام آندو اٿن، تن جي ثابتي ڏيئي ٿا سگهن. 14پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو. 15۽ خدا ۾ اها اُميد اٿم، جا خود کين بہ آهي، تہ نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جي قيامت ٿيندي. 16تنهنڪري آئون انهي سعيي ۾ آهيان تہ هميشہ خدا ۽ ماڻهن جي نسبت ڪنهن بہ ڏوهہ جي ڪري منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪري. 17هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان. 18جڏهن ائين پي ڪيم، ۽ هيڪل ۾ پاڪ حالت ۾ هوس، تڏهن هنن مون کي ڪو گوڙ يا دنگو ڪندو ڪونہ ڏٺو؛ پر آسيہ جا ڪي يهودي هئا، 19جن کي جيڪڏهن مون تي ڪا تهمت آڻڻي هئي، تہ هتي تنهنجي اڳيان اچڻ گهُربو هون، 20نہ تہ هي ماڻهو پاڻ چون، تہ جڏهن آئون صدر مجلس جي اڳيان اچي حاضر ٿيو هوس، تڏهن مون ۾ ڪهڙي خرابي ڏٺائون، 21سواءِ هن ڳالهہ جي، تہ مون هنن جي وچ ۾ بيهي وڏي سڏ چيو تہ مُئلن جي جي اُٿڻ بابت اڄ اوهان جي اڳيان مون کان پڇا ٿي ٿئي.
22پر فيلڪس کي جو انهي طريقي جي وڌيڪ خبر هئي، تنهن هنن کي ترسائي ڇڏيو، ۽ چيائين تہ جڏهن پلٽڻ جو سردار لوسياس ايندو، تڏهن آئون اوهان جو معاملو فيصل ڪندس. 23پوءِ هن صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ هن کي نظربند رکو، مگر سُکيو رکجوس، ۽ سندس دوستن مان ڪنهن کي بہ سندس خدمت ڪرڻ کان نہ روڪجو.
24پوءِ ڪن ڏينهن کانپوءِ فيلڪس پنهنجي زال دروسلہ سان گڏجي آيو، جا يهودڻ هئي؛ ۽ پولس کي سڏائي سندس واتان مسيح جي دين بابت بيان ويهي ٻُڌائين. 25۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس. 26تنهن کانسواءِ هن کي اها بہ اُميد هئي تہ پولس ڪا رقم ڏيندم: تنهنڪري بہ هن کي وري وري سڏائي ساڻس گفتگو ڪندو هو. 27پر جڏهن ٻہ ورهيہ گذري ويا، تڏهن فيلڪس جي جاءِ تي پرڪيوس فيستس آيو؛ ۽ فيلڪس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي قيد ۾ ئي ڇڏي هليو ويو.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 24: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.