YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 23

23
1تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي. 2تنهن تي سردار ڪاهن حنانياہ، جيڪي سندس ڀرسان بيٺا هئا، تن کي حڪم ڏنو تہ ٻُوٿ وارو ڌڪ هڻوس. 3تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟ 4تنهن تي جيڪي ڀرسان بيٺا هئس، تن چيس تہ تون خدا جي سردار ڪاهن کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين؟ 5تڏهن پولس چيو، تہ اي ڀائرو، مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هي ڪو سردار ڪاهن آهي؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.“ 6پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي. 7اڃا ايترو چيائين ڪين تہ فريسين ۽ صدوقين جي وچ ۾ اچي تڪرار لڳو، ۽ مجلس ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ 8ڇالاءِ جو صدوقي چون ٿا تہ نڪا قيامت آهي، نڪي ملائڪ، نڪي روح؛ پر فريسي ٻئي ڳالهيون مڃين ٿا. 9پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟ 10جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.
11جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.
12۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين. 13۽ جن اهو منصوبو ڪيو هو، سي چاليهن کان بہ وڌيڪ هئا. 14اُهي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان قسم کنيو آهي تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهون، تيسين جي کڻي ڪي چکون تہ لعنت اٿئون. 15تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس. 16پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن ٻُڌو تہ هو هن جي لاءِ اڳ جهليو بيٺا آهن، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي ٻَڌايائين. 17تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ هن جوان کي پلٽڻ جي سردار وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجهہ چوڻو اٿس. 18تنهن تي اُهو هن کي وٺي پلٽڻ جي سردار وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ پولس قيديءَ مون کي سڏي عرض ڪيو تہ هن جوان کي تو وٽ وٺي اچان، جو توکي ڪجهہ ٻُڌائڻو اٿس. 19تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟ 20تنهن تي هن چيو تہ يهودين پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي تہ توکي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي مجلس ۾ وٺي اچ، ڄڻ تہ کين سندس بابت اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪرڻي آهي. 21پر تون سندن ڳالهہ نہ مڃج؛ ڇالاءِ جو منجهانئن چاليهن کان بہ گهڻا ماڻهو لڪا ويٺا آهن، جن لعنت وجهي قسم کنيو آهي تہ جيسين هن کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين؛ ۽ هاڻ هو سنبريو ويٺا آهن ۽ رڳو تنهنجي انجام جي واٽ پيا ڏسن. 22سو پلٽڻ جي سردار انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪل ڏني، ۽ تاڪيد ڪيائينس تہ ڪنهن کي متان چوين تہ اهي ڳالهيون تو مون کي ٻڌايون آهن. 23پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن. 24۽ هي بہ حڪم ڏنائين تہ وهٽ موجود رکجو تہ پولس کي چاڙهي فيلڪس حاڪم وٽ صحيح سلامت وٺي وڃن. 25۽ هن مضمون جو خط لکيائين، تہ 26جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن. 27هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو، ۽ ذري گهٽ مارڻ تي هئا، تہ آئون سپاهين سان وڃي مٿانئن پيس ۽ ڇڏايومانس، ڇالاءِ جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. 28پوءِ کيس سندن صدر مجلس ۾ وٺي آيس، تہ خبر پويم تہ هو جو مٿس ڏوهہ ٿا مڙهين، سو ڇو؟ 29۽ خبر پيم تہ هنن پنهنجيءَ شريعت جي ئي ڳالهين جي سببان مٿس تهمت رکي آهي، مگر مٿس اهڙو ڪو الزام نہ آندو هئائون جو موت يا قيد جي سزا جوڳو هجي. 30۽ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ٿيڻو آهي، تڏهن هڪدم کيس تو ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مدعين کي بہ حڪم ڏنم تہ جيڪي سندس برخلاف چوڻو اٿن، سو تو وٽ اچي چَون.
31پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن هو پولس کي راتوواهہ انتپطرس ۾ وٺي آيا. 32پر ٻئي ڏينهن هو پاڻ قلعي ڏانهن موٽيا، ۽ گهوڙي سوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ساڻس گڏجي وڃن. 33۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون. 34۽ جڏهن هن اُهو خط پڙهيو، تڏهن پڇيائين تہ هي ڪهڙي پرڳڻي جو آهي؛ ۽ جڏهن خبر پيس تہ هو ڪليڪيہ جو آهي، 35تڏهن چوڻ لڳو تہ جڏهن تنهنجا مدعي ايندا تہ پوءِ آئون تنهنجو مقدمو هلائيندس: ۽ حڪم ڏنائين تہ هيروديس جي درٻار واريءَ جاءِ ۾ پهري هيٺ رکوس.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in