YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 22

22
1اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو. 2۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ عبراني ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي، تڏهن هيڪاري کڻي ماٺ ڪيائون. پوءِ هن چيو تہ، 3آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس: 4۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان. 5جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان. 6۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون سفر ڪندو دمشق کي ويجهو آيس، تڏهن ٻنپهرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو هڪڙي وڏي روشنائي آسمان مان منهنجي چوڌاري اچي چمڪڻ لڳي. 7۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ 8تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. 9۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو. 10تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو. 11۽ جڏهن انهيءَ روشنائيءَ جي تجلي ڪري آئون ڏسي نہ سگهيس، تڏهن منهنجا سنگتي مون کي هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا. 12۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو، 13سو مون وٽ آيو، ۽ منهنجي ڀر ۾ بيهي مون کي چوڻ لڳو تہ ادا شائول ديد وٺ. ۽ اوڏيءَ مهل منهنجيون اکيون کُليون ۽ مون کيس ڏٺو. 14تڏهن هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا توکي هن لاءِ مقرر ڪيو آهي، تہ توکي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ اُنهي سچار کي ڏسين، ۽ کيس ڳالهائيندو ٻُڌين. 15ڇالاءِ جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جو سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين. 16۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.
17۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون يروشلم ۾ آيس ۽ هيڪل ۾ دعا پئي گهُريم، تڏهن آئون بيخود ٿي ويس، 18۽ ڏٺم تہ هو چويم ٿو تہ سَگهو ٿيءُ، يروشلم مان جلد نڪري وڃ، جو هو منهنجي بابت تنهنجي شاهدي قبول ڪين ڪندا. 19۽ مون چيو تہ اي خداوند، خود هنن کي خبر آهي تہ جن تو تي ايمان آندو هو، تن کي آئون قيد ڪرائيندو هوس، ۽ هنڌ هنڌ عبادتخانن ۾ مار ڏياريندو هوس. 20۽ جڏهن تنهنجي شهيد استيفنس جو رت ٿي وهايائون، تڏهن آئون بہ اُتي بيٺو هوس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هوس، ۽ جن کيس ماريو ٿي، تن جي ڪپڙن جي سنڀال پي ڪيم. 21پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.
22ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي. 23۽ جڏهن هو واڪا ڪرڻ ۽ ڪپڙا اُڇلائڻ ۽ ڌوڙ اُڏائڻ لڳا، 24تڏهن پلٽڻ جي سردار حڪم ڏنو تہ قلعي ۾ وٺي وڃوس، ۽ چيائين تہ چهبڪ هڻي سندس زباني وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ مٿس جو اهڙا واڪا ٿا ڪن سو ڇو. 25جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟ 26جڏهن صوبيدار اهو ٻُڌو، تڏهن پنهنجي سردار وٽ ويو ۽ چيائينس تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي. 27تڏهن پلٽڻ جي سردار چيس تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ تون رومي آهين ڇا؟ هن چيو تہ هائو. 28تنهن تي پلٽڻ جي سردار ورندي ڏني تہ مون وڏي رقم ڏيئي روم جي شهريءَ جا حق حاصل ڪيا. پوءِ پولس چيو تہ آئون ڄائي ڄم کان رومي آهيان. 29پوءِ جيڪي هن جي زباني وٺڻ تي هئا، سي هڪدم هن کي ڇڏي هليا ويا؛ ۽ پلٽڻ جي سردار کي بہ جڏهن خبر پيئي تہ هو رومي آهي، تڏهن ڊڄي ويو جو هن کي ٻَڌايو هئائين.
30پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in