رسولن جا ڪم 18
18
1انهن ڳالهين کانپوءِ پولس اٿينيءَ مان روانو ٿيو ۽ ڪرنٿيس ۾ آيو. 2اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو. 3۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا. 4۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.
5هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي. 6۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس. 7پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو. 8۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون. 9۽ خداوند رات جو رويا ۾ پولس کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي ٻُڌائڻ کان بس ڪر؛ 10ڇالاءِ جو آئون تو سان آهيان، ۽ ڪوبہ ماڻهو تو تي حملو ڪري توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو؛ ڇالاءِ جو هن شهر ۾ منهنجا گهڻيئي ماڻهو آهن. 11تنهنڪري هو ڏيڍ ورهيہ اُتي رهي پيو، ۽ هنن کي خدا جو ڪلام سيکاريندو رهيو.
12پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛ 13۽ چوڻ لڳا تہ هي شخص ماڻهن کي شريعت جي برخلاف خدا جي عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري. 14پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان: 15پر جيڪڏهن اهي اهڙا سوال آهن، جن جو واسطو لفظن ۽ نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي، تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي، منهنجي مرضي نہ آهي تہ آئون انهن ڳالهين جو منصف ٿيان. 16ائين چئي هنن کي عدالت مان هڪالي ڪڍيائين. 17پوءِ هنن سڀني عبادتخاني جي سردار سوسٿنيس کي پڪڙي عدالت جي اڳيان مارڪٽ ڪئي. ۽ گليو کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.
18هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين. 19پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو. 20۽ جڏهن چيائونس تہ اڃا بہ ڪجهہ وقت ٽڪي پئو، تڏهن هن نہ مڃيو؛ 21پر کانئن هيئن چئي موڪلايائين تہ جي خدا گهُريو تہ آئون وري اوهان وٽ موٽي ايندس. پوءِ افسس مان جهاز تي چڙهي روانو ٿيو. 22۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو. 23ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.
24هاڻي اپلوس نالي هڪڙو يهودي جو سڪندريہ جو رهاڪو هو، سو افسس ۾ آيو؛ هو عالم شخص ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ڏاڍو قابل هو. 25هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس. 26هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس. 27۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين: 28ڇالاءِ جو هو پاڪ ڪتابن مان خوب ثابت ڪري ڏيکاريندو هو تہ يسوع ئي مسيح آهي، ۽ کُليو کُلايو يهودين کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 18: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.