رسولن جا ڪم 19
19
1۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو. 2۽ انهن کي چيائين تہ جڏهن اوهان ايمان آندو، تڏهن اوهان کي پاڪ روح مليو؟ هنن چيس تہ اسان تہ ٻُڌو بہ ڪونهي تہ ڪو پاڪ روح نازل ٿيو آهي. 3هن چيو تہ تڏهن اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟ هنن چيو تہ يوحنا جي بپتسما. 4تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو. 5جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خداوند جي نالي بپتسما ورتائون. 6۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا. 7۽ هو مڙيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.
8پوءِ هو عبادتخاني ۾ وڃي ٽن مهينن جي عرصي تائين همت سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جي ڳالهين بابت بحث ڪندو ۽ ماڻهن کي مڃائيندو رهيو. 9پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو. 10۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو. 11۽ خدا پولس جي هٿان خاص معجزا ڏيکاريندو هو، 12ايتري قدر جو سندس بُت تان رومال ۽ بوڇڻ ڇُهائي کڻي وڃي بيمارن کي ڏيندا هئا، تہ هنن کي مرض ڇڏي ويندا هئا، ۽ ڀوت نڪري ويندا هُئن. 13پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“ 14۽ هڪڙي يهودي سردار ڪاهن سڪيوا جا ست پٽ هئا، جن ائين پئي ڪيو، 15۽ ڀوت ورندي ڏيئي هنن کي چيو تہ يسوع جي تہ مون کي خبر آهي، ۽ پولس کي بہ آئون سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟ 16۽ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، سو ٽپو ڏيئي وڃي مٿن پيو، ۽ ٻنهي کي قابو ڪري مٿن اهڙو غالب پيو جو هو اُگهاڙا ٿي ڦٽجي نڪري اُٿي ڀڳا. 17۽ يهودي توڙي يوناني جي افسس ۾ رهندا هئا، تن سڀني کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي ۽ ڊپ وٺي وين، ۽ خداوند يسوع جي نالي جي تعريف ٿيڻ لڳي. 18جن ايمان آندو هو، تن مان بہ گهڻن اچي پنهنجا پنهنجا ڪم ڪرتوت باسيا ۽ ٻُڌايا. 19۽ ڪيترائي جادوگر پنهنجا ڪتاب گڏ ڪري کڻي آيا ۽ سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيائون: ۽ انهن جي قيمت جو حساب ڪيائون تہ پنجاهہ هزار رپيا ٿيا. 20انهيءَ طرح خداوند جو ڪلام ڏاڍو وڌندو ۽ زور وٺندو ويو.
21هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس. 22۽ پنهنجن مددگارن منجهان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيہ ڏانهن موڪليائين، ۽ پاڻ ٿوري وقت لاءِ آسيہ ۾ رهجي پيو.
23اُنهن ڏينهن ۾ انهي طريقي جي سببان ڏاڍي گڙٻڙ ٿيڻ لڳي. 24ڇالاءِ جو هڪڙو ماڻهو دميتريس نالي سونارو، جو ارتمس ديوي جا ننڍڙا روپا مندر جوڙيندو هو، سو انهي ڌنڌي وارن لاءِ گهڻوئي ڪم ڪڍي وجهندو هو: 25اُهي، ۽ ٻيا جي ساڳيو ڌنڌو ڪندا هئا، تن سڀني کي هو گڏ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذران سکيو سهنجو پيو ٿئي. 26۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن. 27انهيءَ مان نہ رڳو اهو خطرو آهي تہ اسان جي ڌنڌي جي بي عزتي ٿيندي، پر مهاديويءَ ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ ايندو؛ ۽ جنهن کي سارو آسيہ، بلڪ سڄي دنيا پوڄي ٿي، تنهن جي وڏائي هلي ويندي. 28۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جيءَ.“ 29۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا. 30۽ جڏهن پولس جي مرضي ٿي تہ هو ماڻهن جي گوڙ ۾ وڃي، تڏهن شاگردن وڃڻ نہ ڏنس. 31۽ آسيہ جي مکيہ عملدارن مان ڪن، جي سندس سڄڻ هئا، چوائي موڪليس ۽ منٿ بہ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاهہ ۾ وڃي پاڻ کي جوکي ۾ وجهين.“ 32سو ڪن واڪا ڪري هڪڙي ڳالهہ پي ڪئي، ڪن ٻي؛ ڇالاءِ جو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا، تن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي، ۽ منجهانئن گهڻن کي تہ اها بہ خبر ڪانہ هئي تہ هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهيون. 33پوءِ سڪندر، جنهن کي يهودي گوڙ مان ڪڍي آيا، تنهن کي کڻي اڳواڻ ڪيائون. ۽ سڪندر هٿ سان اشارو ڏنو، ۽ مرضي هيس تہ ماڻهن جي اڳيان بچاءُ ڏيان. 34پر جڏهن ڏٺائون تہ هي يهودي آهي، تڏهن سڀني گڏجي ٻن ڪلاڪن تائين وڏي سڏ پڪاري پئي چيو، تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جئي.“ 35پوءِ شهر جي مکيہ عملدار ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو، تہ ”اي افسيو، اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر نہ آهي تہ افسس شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو، ۽ جيڪو پتلو زيوس مان ڪِريو هو، تنهن جو پوڄاري آهي؟ 36پوءِ جڏهن هنن ڳالهين جو انڪار ڪري نہ ٿو سگهجي، تڏهن اوهان کي گهرجي تہ ٿڌا ٿيو، ۽ اُٻهرا ٿي ڪجهہ بہ نہ ڪريو. 37ڇو جو هي ماڻهو جن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نڪي مندرن جا ڦرڻ لُٽڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ تي ڪفر بڪڻ وارا آهن. 38تنهنڪري دميتريس، ۽ ٻيا جيڪي سندس ڌنڌي وارا ساڻس گڏ آهن، تن کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ عدالت کُليل آهي ۽ حاڪم ويٺا آهن؛ ڀلي تہ وڃي مقدمو ڪن. 39پر جي اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين بابت صفائي ڪرڻي آهي تہ انهي جو فيصلو باقاعدي مجلس ۾ ٿيندو. 40ڇالاءِ جو انديشو آهي تہ جيڪو دنگو اڄ ٿيو آهي، تنهن جي ڪري اسان تي ڪا تهمت اچي، جو انهي جو ڪو سبب ئي ڪونهي: اسين هن هنگامي جو ڪوبہ واجبي سبب ڏيئي ڪين سگهنداسين.“ 41ائين چئي هن مجلس برخاست ڪري ڇڏي.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 19: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.