YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 14

14
1۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو. 2پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو. 3تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو. 4پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي. 5۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا، 6تڏهن کين هن ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هو لڪائونيہ جي شهرن، لسترہ ۽ دربي ۽ اُنهي جي آسپاس واري ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. 7۽ اُتي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.
8۽ لسترہ ۾ هڪڙو ماڻهو ويٺو هوندو هو، جو پيرن کان جڏو ۽ ڄائي ڄم کان منڊو هو، ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين. 9تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛ 10سو زور سان چيائينس تہ پيرن ڀر سنئون ٿي بيهہ: ۽ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ هلڻ لڳو. 11۽ پولس جيڪي ڪيو هو، سو جڏهن ماڻهن ڏٺو، تڏهن وڏي واڪي لڪايونيہ جي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳا، تہ ديوتا انسان جي صورت ۾ لهي اسان وٽ آيا آهن. 12۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو. 13۽ زيوس، جنهن جو مندر شهر جي سامهون هو، تنهن جو پوڄاري، ڏاند ۽ گلن جا هار کڻي دروازن تي آيو، ۽ ماڻهن سان گڏجي قرباني چاڙهڻ تي هو. 14پر جڏهن رسولن، يعني برناباس ۽ پولس اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ پيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ 15اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي: 16جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو، 17تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين. 18۽ اهي ڳالهيون ڪري، مَسين مَسين ماڻهن کي روڪيائون تہ سندن لاءِ قرباني نہ چاڙهين.
19پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس. 20پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو. 21۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا. 22۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون. 23۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون. 24۽ پوءِ پسديہ مان لنگهي پمفوليہ ۾ آيا. 25۽ جڏهن پرگا ۾ ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن اطاليہ ڏانهن هليا ويا؛ 26۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون. 27۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون. 28۽ هو شاگردن وٽ ڳچ وقت ٽڪي پيا.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in