رسولن جا ڪم 13
13
1هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول. 2جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو. 3تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.
4سو اهي پاڪ روح جي موڪلڻ موجب سلوڪيہ ڏانهن ويا؛ ۽ اتان جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانا ٿيا. 5۽ جڏهن سلميس ۾ اچي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي منادي ڪرڻ لڳا: ۽ يوحنا ساڻن هو. 6۽ جڏهن هو سارو ٻيٽ لنگهي پافس ۾ اچي پهتا، تڏهن اتي هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺائون، جو ڪوڙو نبي هو، ۽ جنهن جو نالو بريسوع هو. 7هو صوبي جي حاڪم سرگيس پولس سان هو، جو سمجهو ماڻهو هو. انهي برناباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گهُرائي خدا جو ڪلام ٻُڌڻ جي مرضي ڏيکاري. 8پر اليماس يعني جادوگر (ڇوتہ انهي لقب جي معنيٰ اها آهي) سندن برخلاف ٿي بيٺو، جو ڀانيائين تہ حاڪم کي ايمان آڻڻ کان روڪيان. 9پر شائول، جنهن کي پولس بہ چوندا آهن، تنهن پاڪ روح سان ڀرجي ڏانهنس چتائي نهاريو، 10۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟ 11هاڻي ڏس، تو تي خداوند جي مار پوندي، ۽ تون انڌو ٿي پوندين، ۽ ڪجهہ مدت تائين سج بہ ڏسڻ ۾ ڪين ايندءِ.“ ۽ هڪدم هن تي ڌنڌ ۽ اونداهي اچي پيئي؛ ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. 12تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.
13هاڻي پولس ۽ سندس سنگتي پافس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿيا، ۽ پرگا ۾ آيا، جو پمفوليہ ۾ آهي؛ پر يوحنا هنن کي ڇڏي موٽي يروشلم ۾ آيو. 14پر هو پرگا مان لنگهي پسديہ واري انتاڪيہ شهر ۾ آيا، ۽ سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا. 15۽ جڏهن توريت ۽ نبين جو ڪتاب پڙهي رهيا، تڏهن عبادتخاني جي سردارن سڏائي چين تہ اي ڀائرو، جيڪڏهن اوهان کي ڪا نصيحت جي ڳالهہ ماڻهن کي ٻُڌائڻي هجي تہ ٻُڌايو. 16تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڏيئي چوڻ لڳو تہ اي اسرائيليو! ۽ اوهين جن کي خدا جو ڊپ آهي، سي ڪَن ڏيئي ٻُڌو، 17هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو. 18۽ اٽڪل چاليهن ورهين جي مدت تائين رڻ پٽ ۾ سندن ڪمن جي برداشت ڪيائين. 19۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين. 20۽ اِنهن ڳالهين کانپوءِ هنن لاءِ سموئيل نبيءَ جي زماني تائين قاضي مقرر ڪيائين. 21تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو. 22۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو. 23جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي نسل مان اسرائيل وٽ هڪڙو ڇوٽڪارو ڏيندڙ، يعني يسوع کي موڪليو؛ 24جنهن جي اچڻ کان اڳي يوحنا اسرائيل جي ساري اُمت جي اڳيان هن ڳالهہ جي منادي ڪئي، تہ توبهہ ڪري بپتسما وٺو. 25۽ جڏهن يوحنا پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي هو، تڏهن چيائين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا تہ آئون ڪير آهيان؟ آئون اُهو ناهيان؛ پر ڏسو، مون کانپوءِ اُهو شخص ٿو اچي، جنهن جي پيرن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.
26اي ڀائرو، ابراهيم جا اولاد، ۽ اي خدا ترس ماڻهو، اسان وٽ اِهو نجات جو ڪلام موڪليو ويو آهي. 27ڇالاءِ جو يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن حاڪمن، نڪي کيس قبوليو، نڪي نبين جون ڳالهيون، جي هر ڪنهن سبت جي ڏينهن پڙهبيون آهن، سمجهيون؛ اِنهي سبب، جا فتويٰ جاري ڪيائين، تنهن سان نبين جون ڳالهيون پوريون ڪيائون. 28۽ جيتوڻيڪ هنن کي انهي جي مارڻ جو ڪوبہ سبب ڪونہ مليو، تڏهن بہ هنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏ. 29۽ جيڪي ڳالهيون سندس بابت لکيل هيون، سي سڀ جڏهن پوريون ڪيائون، تڏهن هن کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکيائون. 30پر خدا کيس مُئلن مان جياريو. 31۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن. 32۽ جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ويو هو، تنهن جي خوشخبري اسان آندي آهي؛ 33تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“ 34باقي اها ڳالهہ تہ هن اُنهي کي اهڙيءَ طرح مُئلن مان جياريو جو هو وري مرڻ جو ناهي، تنهن بابت هن هيئن چيو آهي، تہ ”آئون توکي دائود واريون پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.“
35ڇالاءِ جو ٻئي زبور ۾ هيئن بہ چوي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڪ ٿيل کي سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.“ 36ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو: 37پر جنهن کي خدا جياريو، سو سڙي ڪين ويو. 38تنهنڪري، اي ڀائرو، اوهان کي روشن هجي، تہ انهي جي وسيلي اوهان کي گناهن جي معافيءَ جي خبر ٿي ڏجي؛ 39۽ جيڪو ايمان ٿو آڻي، سو هن جي ئي ڪري انهن سڀني ڳالهين کان سچو ٺهرائبو، جن کان موسيٰ جي شريعت ڪري اوهين سچا ٺهرجي نٿي سگهيا. 40تنهنڪري خبردار رهجو تہ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو متان اوهان تي اچي پوي. 41”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“
42۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ماڻهن کين منٿ ڪري چيو، تہ اهي ڳالهيون ورندي سبت جي ڏينهن بہ اسان کي ٻُڌائجو. 43پوءِ جڏهن جماعت برخاست ٿي، تڏهن گهڻا يهودي، ۽ سندن ڪيترا ديندار نومريد، پولس ۽ برناباس جي پٺيان آيا، ۽ هنن ساڻن گفتگو ڪري کين همتايو تہ خدا جي فضل تي قائم رهندا اچو.
44۽ ورندي سبت جي ڏينهن اٽڪل سڄو شهر خدا جو ڪلام ٻُڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو. 45پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا. 46سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون. 47ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“ 48۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو. 49۽ خداوند جو ڪلام انهي ساري علائقي ۾ پکڙجي ويو. 50پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. 51پر هو پنهنجن پيرن جي مٽي مٿن ڇنڊي، اڪونيم ۾ هليا ويا. 52۽ شاگرد خوشيءَ سان ۽ پاڪ روح سان ڀرجي ويا.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 13: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.