YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 11

11
1هاڻي جيڪي رسول ۽ ڀائر يهوديہ ۾ هئا، تن ٻُڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام مڃيو آهي. 2۽ جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو، تڏهن جيڪي مختون هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا، 3تہ تون نامختونن وٽ وئين ۽ وڃي ساڻن گڏ کاڌءِ. 4پر پطرس شروع کان وٺي ساري ڳالهہ پيرائتي سمجهائي چين تہ، 5مون يافا جي شهر ۾ دعا پئي گهُري تہ وجد ۾ هڪ رويا ڏٺم تہ هڪ ٿانءُ وڏي چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل آسمان مان هيٺ لهندو ٿو اچي؛ جو مون تائين اچي پهتو: 6تنهن تي جڏهن چتائي نهاريم تہ ڏٺم تہ زمين جا چوپايا جانور، ۽ جهنگ جا مرون، ۽ سُرندڙ ڪينئان، ۽ آسمان جا پکي آهن. 7۽ هڪڙو آواز بہ ٻُڌم، جنهن مون کي چيو، تہ اي پطرس، اُٿ؛ ڪُهي کاءُ. 8پر مون چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ: ڇو جو ڪابہ حرام يا ناپاڪ شيءِ ڪڏهن بہ منهنجي وات ۾ نہ ويئي آهي. 9پر ٻئي ڀيري اُنهي جي جواب ۾ آسمان مان آواز آيو، تہ جيڪي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي تون حرام ڪري نہ سمجهہ. 10۽ ٽي ڀيرا ائين ئي ٿيو؛ پوءِ اُهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون. 11۽ ڏسو، جن ٽن ماڻهن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو هئائون، سي اُنهي ئي دم اُنهيءَ گهر جي اڳيان اچي بيٺا، جنهن ۾ اسين هئاسين. 12۽ روح مون کي چيو تہ بنا ڪنهن بہ هٻڪ جي ساڻن گڏجي وڃ ۽ اهي ڇهہ ڀائر بہ مون سان گڏجي هليا؛ ۽ اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ داخل ٿياسين: 13۽ هن اسان کي چيو تہ مون ڏٺو تہ ملائڪ منهنجي گهر ۾ بيٺو آهي، جنهن چيم تہ يافا ۾ ماڻهو موڪلي اُنهي شمعون کي گهُرائي وٺ، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن؛ 14۽ هو توکي اهو ڪلام ٻُڌائيندو، جنهنڪري تنهنجي ساري گهر کي نجات ملندي. 15۽ اڃا آئون ڳالهائڻ لڳس، تہ پاڪ روح هنن تي بلڪل اهڙيءَ طرح اچي نازل ٿيو، جهڙيءَ طرح ڪ شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو. 16۽ مون کي خداوند جي اُها ڳالهہ ياد آئي جا هن چئي هئي، تہ يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ملندي. 17سو جڏهن اسان خداوند يسوع مسيح تي ايمان آندو هو، تڏهن جا بخشش اسان کي عطا ڪئي هئائين سا اُنهن کي بہ ڏنائين، تہ پوءِ آئون ڪير هوس جو خدا کي روڪي سگهان؟ 18۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.
19هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا. 20پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا. 21۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا. 22۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو. 23۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو: 24ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا. 25پوءِ هو شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو: 26۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.
27هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا، 28۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو. 29سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون. 30سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in