رسولن جا ڪم 10
10
1هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا. 2هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو. 3هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس! 4۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن. 5هاڻي تون يافا ۾ ماڻهو موڪلي هڪڙي شخص شمعون کي گهُرائي وٺ؛ جنهن کي پطرس ٿا سڏين. 6اهو شمعون نالي هڪڙي چمار وٽ ٽڪيو پيو آهي، جنهن جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي آهي. 7۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو، 8۽ سڀ ڳالهيون ٻُڌائي کين يافا ڏانهن موڪليائين.
9هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو: 10پوءِ اچي بُک لڳيس، سو ڀانيائين تہ ڪي کان: پر اڃا هنن تياري پئي ڪئي، تہ هو وجد ۾ اچي ويو؛ 11۽ ڇا ٿو ڏسي، تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ هڪڙو ٿانءُ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل هيٺ زمين تي پيو لهي: 12جنهن ۾ زمين جي سڀني قسمن جا چوپايا جانور ۽ سرڻا ۽ آسمان جا پکي آهن. 13پوءِ هڪڙو آواز آيس، تہ اي پطرس اُٿ، ڪُهي کاءُ. 14پر پطرس چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ؛ ڇالاءِ جو مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا ناپاڪ شيءِ نہ کاڌي آهي. 15وري ٻيو ڀيرو آواز آيس تہ جيڪي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي تون حرام نہ سمجهہ. 16ٽي ڀيرا ائين ئي ٿيو، پوءِ اُمالڪ اُهو ٿانءُ آسمان ڏانهن کڄي ويو.
17هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛ 18۽ سڏ ڪري پڇڻ لڳا، تہ شمعون، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن، سو ڪو اُتي ٽڪيل آهي؟ 19۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو. 20تہ روح چيس تہ ڏس، ٽي ماڻهو توکي پيا ڳولين، اُٿي، هيٺ لهي وڃ ۽ ڪنهن بہ شڪ شبهي کانسواءِ ساڻن گڏجي هليو وڃ، ڇو جو مون هنن کي موڪليو آهي. 21تڏهن پطرس لهي انهن ماڻهن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ اِجهو، جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا، سو آئون آهيان: اوهين ڪيئن آيا آهيو؟ 22هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي. 23تنهن تي هن کين سڏي پاڻ وٽ ٽڪايو. ۽ ٻئي ڏينهن هو اُٿي ساڻن روانو ٿيو، ۽ يافا مان ڪي ڀائر بہ ساڻن گڏجي ويا. 24۽ ٻئي ڏينهن هو قيصريہ ۾ وڃي پهتا، ۽ ڪرنيليس پنهنجن عزيزن ۽ خاص دوستن کي سڏي گڏ ڪري هنن جي انتظار ۾ هو. 25۽ هيئن ٿيو جو جڏهن پطرس اندر گهڙڻ لڳو، تہ ڪرنيليس وڃي گڏيس ۽ پيرين پئي سجدو ڪيائينس. 26پر پطرس اُٿاري چيس تہ اُٿي بيهہ؛ آئون پاڻ بہ تہ انسان آهيان. 27۽ هن سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو؛ ۽ ڏسي تہ گهڻائي گڏ ٿيا ويٺا آهن: 28تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان. 29انهي ڪري جڏهن مون کي سڏڻ آيا، تڏهن ڪنهن بہ عذر کانسواءِ آئون هليو آيس. هاڻي ٻُڌايو تہ مون کي ڇو گهُرايو اٿوَ؟ 30تڏهن ڪرنيليس چيو تہ چار ڏينهن ٿيندا تہ هيڏيءَ مهل مون پنهنجي گهر ۾ ٽپهريءَ جي دعا پئي گهُري، تہ اوچتو هڪڙو ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ پائي منهنجي اڳيان اچي بيٺو، 31۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي. 32تنهنڪري ڪي ماڻهو يافا ۾ موڪلي شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، تنهن کي پاڻ وٽ گهُرائي وٺ؛ اهو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون چمار جي گهر ۾ ٽڪيل آهي. 33سو يڪدم تو ڏانهن ماڻهو موڪليم؛ ۽ تو چڱو ڪيو جو آئين. سو هاڻ اسين سڀ خدا جي حضور ۾ حاضر آهيون، انهي لاءِ تہ جيڪي خداوند توکي فرمايو آهي، سو سڀ ٻُڌون.
34تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛ 35پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي. 36جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين. 37تنهن ڪلام جي خود اوهان کي خبر آهي، تہ يوحنا بپتسما جي منادي ڪئي، تنهن کانپوءِ گليل کان شروع ٿي ساري يهوديہ ۾ مشهور ٿي ويو، 38تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو. 39۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو. 40پر خدا هن کي ٽئين ڏينهن جياري اُٿاريو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو. 41نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين. 42۽ هن اسان کي حڪم ڏنو، تہ اُمت ۾ وڃي منادي ڪريو، ۽ شاهدي ڏيو تہ هي اهو ئي آهي جو خدا جي طرفان جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندڙ مقرر ٿيو آهي. 43سڀ نبي انهي جي شاهدي ٿا ڏين تہ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، تنهن کي سندس نالي گناهن جي معافي ملندي.
44اڃا پطرس اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ جن اهو ڪلام پئي ٻُڌو، تن سڀني تي پاڪ روح اچي نازل ٿيو. 45۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي. 46ڇالاءِ جو انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندو ۽ خدا جي وڏائي ڪندو ٻُڌائون. تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ 47ڪو ماڻهو پاڻي روڪي ٿو سگهي ڇا، تہ جن کي اسان وانگر پاڪ روح مليو آهي، تن کي بپتسما نہ ملي؟ 48سو حڪم ڏنائين تہ هنن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏيو. تنهن کانپوءِ هنن عرض ڪيس تہ ڪي ڏينهن اسان وٽ ٽڪي پئو.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 10: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.