YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 15

15
1۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن. 2۽ ابي سلوم سوير اُٿندو هو ۽ دروازي جي رستي جي ڀر ۾ بيهي رهندو هو: ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو هوندو هو جو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ آڻيندو هو، تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي سڏي چوندو هو تہ تون ڪهڙي شهر جو آهين؟ ۽ هو چوندو هو تہ تنهنجو ٻانهو اسرائيل جي هڪڙي فرقي منجهان آهي. 3تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ڏس، تنهنجون ڳالهيون چڱيون ۽ برابر آهن؛ پر بادشاهہ جو ڪو نائب مقرر ڪيل ڪونهي جو تنهنجي دانهن ٻڌي. 4۽ ابي سلوم هيترو بہ چوندو هو تہ جيڪڏهن آءٌ هن ملڪ جو قاضي هجان ها تہ چڱو هو، جو جنهن ماڻهوءَ جو ڪو مقدمو يا معاملو هجي سو مون وٽ اچي ها تہ آءٌ ان جو انصاف ڪريان ها! 5۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجهو ايندو هو تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي وٺي چُمندو هو. 6انهيءَ طرح جيڪي بہ اسرائيلي بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا تن سان ابي سلوم ائين هلندو هو: انهيءَ طرح ابي سلوم اسرائيل جي ماڻهن جون دليون چورايون.
7۽ چئن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ حبرون ۾ وڃي خداوند جي لاءِ جيڪا مڃتا مڃي اٿم سا پوري ڪريان. 8ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس. 9تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ڀلي تہ سلامت هليو وڃ. ان موجب هو اُٿيو، ۽ حبرون ڏي ويو. 10پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي. 11۽ ابي سلوم ٻہ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني ۽ اُهي هن سان گڏ يروشلم مان روانا ٿيا، ۽ سادگيءَ سان ويا؛ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي خبر نہ هين. 12۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.
13۽ دائود وٽ هڪڙو قاصد آيو جنهن اچي چيس تہ اسرائيل جي ماڻهن جون دليون ابي سلوم جي پٺيان آهن. 14۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري. 15۽ بادشاهہ جي نوڪرن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، جيڪي منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي پسند آهي انهيءَ جي ڪرڻ لاءِ تنهنجا ٻانها تيار آهن. 16پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون. 17۽ بادشاهہ روانو ٿيو ۽ سڀ ماڻهو سندس پٺيان ويا؛ ۽ اهي بيت مرحاق ۾ اچي ترسيا. 18۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا. 19تڏهن بادشاهہ اِتي جاتيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ تون اسان سان ٿو هلين؟ موٽي وڃي بادشاهہ سان رهہ: ڇالاءِ جو تون پرديسي آهين، ۽ شهر نيڪالي بہ ڏنل آهين؛ موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ. 20جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي. 21تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي. 22۽ دائود اِتيءَ کي چيو تہ وڃ، لنگهي هل. ۽ اِتي جاتي لنگهي هليو، ۽ سندس سڀ ماڻهو، ۽ ٻار ٻچا جي ساڻس هئا، سي بہ ساڻس لنگهي هليا. 23۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا. 24۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا. 25تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ خدا جي صندوق موٽائي شهر ۾ کڻي وڃ: جيڪڏهن آءٌ خداوند جي نظر ۾ مان لهندس تہ هو مون کي وري آڻيندو، ۽ اُها ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ، ٻئي مون کي ڏيکاريندو: 26پر جي هو چوندو تہ آءٌ تو مان خوش نہ آهيان؛ تہ ڏس، اِجهو آءٌ هتي حاضر آهيان، جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري. 27بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ. 28ڏس، آءٌ بيابان جي لانگهن وٽ ترسي پوندس، جيسين ڪ تون مون کي خاطري ڏياري موڪليندين. 29تنهنڪري صدوق ۽ ابياتر خدا جي صندوق کڻي وري يروشلم ڏي ويا: ۽ هو اتي رهڻ لڳا.
30۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا. 31۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر. 32۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو: 33۽ دائود هن کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون سان لنگهيو هلندين تہ تون مون تي بار ٿي پوندين: 34پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين. 35۽ اتي توسان صدوق ۽ ابياتر ڪاهن ناهن ڇا؟ تنهنڪري هيئن ٿيندو تہ جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي گهران ٻڌين سا صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي ٻڌائج. 36ڏس، اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ، اخيمعض، صدوق جو پٽ، ۽ يونتن، ابياتر جو پٽ آهن؛ ۽ انهن جي هٿان جيڪا ڳالهہ اوهين ٻڌو سا مون ڏي چوائي موڪلجو. 37پوءِ حوسي، دائود جو دوست، شهر ۾ آيو، ۽ ابي سلوم بہ يروشلم ۾ پهتو.

Currently Selected:

2 - سموئيل 15: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in