YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 13

13
1۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي. 2۽ امنون پنهنجي ڀيڻ تمر جي ڪري اهڙو بي آرام ٿي پيو، جو هو بيمار ٿي پيو؛ ڇالاءِ جو هوءَ اڃا ڪنواري هئي؛ ۽ امنون جي نظر ۾ اها ڳالهہ مشڪل هئي تہ انهيءَ سان ڪجهہ ڪري. 3پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو. 4۽ هن چيس تہ اي شهزادا، ڇو تون روزبروز ڏٻرو ٿيندو ٿو وڃين؟ مون کي ڪين ٻڌائيندين؟ ۽ امنون هن کي چيو تہ منهنجي پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي ڀيڻ تمر سان محبت آهي. 5۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان. 6تڏهن امنون سمهي پيو ۽ ڪوڙ ڪري چيائين تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن بادشاهہ هن کي ڏسڻ آيو تڏهن امنون بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان. 7تڏهن دائود تمر جي گهر چوائي موڪليو تہ هاڻي تون پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر وڃ، ۽ وڃي سندس لاءِ کاڌو تيار ڪر. 8تنهن تي تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر ويئي؛ ۽ هو ستو پيو هو. ۽ هن اٽو کڻي ڳوهيو، ۽ سندس روبرو لوليون پچايائين. 9پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا. 10تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ماني ڪوٺيءَ ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان. ۽ تمر جيڪي لوليون پچايون هيون سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون جي ڪوٺيءَ ۾ آنديون. 11۽ جڏهن هن اهي کائڻ لاءِ سندس ويجهو آنديون تڏهن هن کڻي پڪڙيس ۽ چوڻ لڳس تہ ادي، اچي مون سان سمهہ. 12تڏهن هن ورندي ڏني تہ نہ ادا، مون کي زور نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ نہ گهرجي: اهڙي بي عقلي نہ ڪر. 13پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو. 14انهيءَ هوندي بہ هن سندس ڳالهہ نہ مڃي: پر هن کان مضبوط هئڻ ڪري هو زور زبردستي ڪري هن سان سُتو. 15تنهن کان پوءِ امنون جي هن سان نهايت گهڻي نفرت پيدا ٿي؛ ڇالاءِ جو جيتري اڳي هن سان محبت هوندي هيس، تنهن کان زيادہ هن جي ساڻس نفرت پيدا ٿي. ۽ امنون چيس تہ اُٿ ۽ هلي وڃ. 16۽ هن چيس تہ ائين نہ ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو مون کي هڪالي ڪڍڻ جو قصور هن ٻئي قصور کان بہ خراب آهي جو تو منهنجي نسبت ۾ ڪيو، پر هن سندس ڳالهہ نہ ٻڌي. 17تڏهن هن هڪڙي نوڪر کي سڏيو جو سندس خدمت چاڪري ڪندو هو، ۽ انهيءَ کي چيائين تہ هن زال کي مون وٽان ڪڍي وڃ ۽ پٺيانس در بند ڪري ڇڏ. 18۽ هن کي بت تي گهڻن رنگن جي پوشاڪ پيل هئي: ڇالاءِ جو بادشاهن جون ڌيئرون جي ڪنواريون هونديون هيون سي اهڙي پوشاڪ ڍڪينديون هيون. تڏهن هن جي نوڪر هن کي ٻاهر ڪڍي پٺيانس در بند ڪري ڇڏيو. 19۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي. 20۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي. 21پر جڏهن بادشاهہ دائود اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو. 22۽ ابي سلوم امنون کي نہ ڀلو چيو نہ برو: ڇالاءِ جو ابي سلوم امنون کي ڌڪاريندو هو؛ ڇالاءِ جو هن سندس ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي هئي.
23ٻن ڀرين ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ ابي سلوم وٽ بعل حصور ۾، جو افرائيم جي پاسي ۾ آهي، اُن ڪترڻ وارا آيا: ۽ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گهرايو. 24۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن. 25۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چيو تہ نہ منهنجا پٽ، اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، متان توتي بار ٿي پئون. پر هن کيس زور ڪيو: تڏهن بہ هن وڃڻ جي نہ ڪئي، مگر هن کي خير جي دعا ڪيائين. 26تڏهن ابي سلوم چيو تہ جي ائين نہ ڪرين تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو ڀاءُ امنون اسان سان هلي. تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ هو تو سان ڇو هلي؟ 27پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو. 28۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو. 29۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو، 30۽ هيئن ٿيو تہ هو اڃا رستي تي هئا تہ دائود کي ماڻهن خبر ڏني تہ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو آهي. 31تڏهن بادشاهہ اُٿيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي زمين تي ليٽڻ لڳو؛ ۽ سندس سڀ نوڪر بہ ڪپڙا ڦاڙي سندس ڀرسان بيهي رهيا. 32پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب ورندي ڏئي چيو تہ منهنجو ڌڻي ائين نہ سمجهي تہ سڀيئي جوان شهزادا ماري ڇڏيا اٿن؛ ڇالاءِ جو رڳو امنون مارجي ويو آهي: جو جنهن ڏينهن هن پنهنجي ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي تنهن ڏينهن کان وٺي ابي سلوم اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو. 33تنهنڪري هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ دل ۾ نہ ڪري، ۽ ائين نہ ڄاڻي تہ سڀيئي شهزادا مارجي ويا آهن: ڇالاءِ جو رڳو امنون مئو آهي. 34پوءِ ابي سلوم ڀڄي ويو، ۽ جنهن جوان ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو، سو اکيون کڻي نهاري تہ ڏسي تہ گهڻا ئي ماڻهو ٽڪر جي پاسي سندس پٺيان پيا اچن. 35۽ يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، شهزادا ٿا اچن: جيئن تنهنجي ٻانهي چيو ائين ئي آهي. 36۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو. 37پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو.
38انهيءَ طرح ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور ۾ وڃي نڪتو، ۽ اتي ٽي ورهيہ هو. 39۽ بادشاهہ دائود کي ابي سلوم ڏي وڃڻ جي ڏاڍي سڪ ٿي: ڇالاءِ جو امنون بابت هن کي تسلي ملي هئي تہ هو مري چڪو آهي.

Currently Selected:

2 - سموئيل 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in