YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 27

27
1۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس. 2پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو. 3۽ دائود ۽ سندس ماڻهو جات ۾ اڪيس سان رهڻ لڳا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪٽنب ساڻ هو، يعني دائود پنهنجي پنهنجي زالن، اخي نوعم يزرعيلي، ۽ ابيجيل ڪرملڻ سان هو، جا نابال جي زال هئي. 4۽ سائول کي ٻڌايائون تہ دائود ڀڄي جات ڏي ويو آهي: ۽ هن وري انهي جي ڳولا نہ ڪئي.
5۽ دائود اڪيس کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي تہ ٻهراڙيءَ جي شهرن مان هڪڙي ۾ مون کي جاءِ ڏي تہ آءٌ اُتي رهان: ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توسان گڏ رهي؟ 6تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن هن کي صقلاج ڏنو: انهي ڪري صقلاج اڄ ڏينهن يهوداہ جي بادشاهن جو آهي.
7۽ جيڪي ڏينهن دائود فلستين جي ملڪ ۾ رهيو تن جو شمار هڪ ورهيہ ۽ چار مهينا هو. 8پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون. 9۽ دائود انهي ملڪ کي فتح ڪيو، ۽ ڪوبہ مرد يا زال جيئرو نہ ڇڏيائين، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گڏهہ، ۽ اُٺ، ۽ ڪپڙا کڻي ويو؛ پوءِ موٽي اڪيس وٽ آيو. 10۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي. 11۽ دائود ڪنهن بہ مرد يا زال کي جيئرو ڇڏي جات ۾ ڪين آڻيندو هو، تہ متان هو سندس نسبت ۾ وڃي خبر ڏئي تہ دائود هيئن ڪ هيئن ڪيو، ۽ جيڪو وقت هو فلستين ۾ رهيو تنهن ۾ هن جي هلت اهڙي رهي. 12۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 27: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in