لوقا 18

18
هڪڙي وڌوا ۽ جج جو مثال
1يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هر وقت پرارٿنا ڪندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ 2”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ ايشور جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ. 3انهيءَ شهر ۾ هڪڙي وڌوا رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘ 4جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ ايشور جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، 5تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ وڌوا اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“
6پرڀوءَ وڌيڪ چيو تہ ”ٻُڌوَ، هن بي‌انصاف جج ڇا چيو؟ 7تہ پوءِ ايشور پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن منش‌پتر ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو وشواس الائجي ڏسندو يا نہ.“
فريسيءَ ۽ هڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جو مثال
9جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي يسوع هڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10”ٻہ شخص هيڪل ۾ پرارٿنا ڪرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ. 11فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان. 12آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن وِرت ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘ 13پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آڪاش ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي ايشور! مون پاپيءَ تي ديا ڪر.‘ 14#مت 23‏:12، لو 14‏:11 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(متي 19‏:13‏-15، مرقس 10‏:13‏-16)
15ڪي ماڻهو پنهنجا ننڍڙا ٻار يسوع وٽ کڻي آيا تہ هو انهن تي هٿ رکي. پر سندس چيلا اهو ڏسي انهن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا هئا. 16تنهن تي يسوع چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. 17آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ ايشور جي راڄ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو
(متي 19‏:16‏-30، مرقس 10‏:17‏-31)
18هڪڙي سردار يسوع کان پڇيو تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ 19يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 20#خر 20‏:12‏-16، نيم 5‏:16‏-20 باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ 21هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 22اهو ٻڌي يسوع کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.
24يسوع ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25ياد رکو، اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27يسوع وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي ايشور جي وس ۾ آهن.“
28تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان تہ اوهان جي پٺيان هلڻ لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ بہ ڇڏيا آهن.“ 29يسوع انهن کي چيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ايشور جي راڄ لاءِ گھر، پتني، ڀائر، ماتا، پتا يا ٻار ڇڏيا آهن، 30تنهن کي هن #18‏:30 انتم زماني اصلي مسودي ۾ ”هن وقت“ لکيل آهي، جنهن مان مراد گھڻو ڪري انتم زمانو آهي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”انتم زمانو.“انتم زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ #18‏:30 ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”ايندڙ نئون زمانو.“ ايندڙ نئين زماني ۾ امر جيون پڻ ملندس.“
يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت وري ٻڌائڻ
(متي 20‏:17‏-19، مرقس 10‏:32‏-34)
31يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا. 33اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ 34انهن ڳالهين مان چيلن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا.
انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ
(متي 20‏:29‏-34، مرقس 10‏:46‏-52)
35پوءِ جيئن يسوع يريحو شهر جي ويجھو اچي رهيو هو تہ رستي تي هڪڙي انڌي ماڻهوءَ ويٺي پنيو. 36هن ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيو تہ ”هي ڇا آهي؟“ 37ماڻهن ٻڌايس تہ ”يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي.“ 38تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي يسوع، راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 39تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 40اهو ٻڌي يسوع بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏهن هو ويجھو آيو تہ يسوع پڇيس تہ 41”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ هن چيو تہ ”اي سوامي! مون کي وري ديد ملي.“ 42يسوع چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ 43تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.

المحددات الحالية:

لوقا 18: HSB

تمييز النص

شارك

نسخ

None

هل تريد حفظ أبرز أعمالك على جميع أجهزتك؟ قم بالتسجيل أو تسجيل الدخول