لوقا 17

17
هم‌وشواسين سان سلوڪ
(متي 18‏:6‏-7‏،21‏-22، مرقس 9‏:42)
1يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”پاپ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا. 2منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي. 3#مت 18‏:15 سو خبردار رهو.
جيڪڏهن اوهان جي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ مان ڪو اوهان جو ڏوهہ ڪري تہ کيس هدايت ڪريو ۽ جيڪڏهن هو توبهہ ڪري تہ معاف ڪري ڇڏيوس. 4جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“
وشواس رکڻ
5يسوع جي چونڊيل سنتن کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو وشواس وڌايو.“ 6پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“
غلام جو فرض
7”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي رسوئي کاءُ‘؟ 8بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘ 9ڇا اوهين غلام جو انهيءَ ڪري ٿورو مڃيندا جو هن حڪم موجب ڪم ڪيو؟ 10ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“
ڏهن ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
11يروشلم ڏانهن ويندي يسوع گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو. 12جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي 13وڏي واڪي چيس تہ ”اي يسوع! اي سوامي! اسان تي ديا ڪريو.“ 14#لاو 14‏:1‏-32 هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي ڇٽي پوِتر ٿي پيا. 15جڏهن انهن مان هڪڙي ڏٺو تہ ”آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان،“ تڏهن وڏي آواز سان ايشور جي مهما ڪندي موٽيو. 16هو يسوع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو. 17تنهن تي يسوع پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پوِتر نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟ 18ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي ايشور جي مهما ڪري؟“ 19پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي.“
ايشور جي راڄ جو اچڻ
(متي 24‏:23‏-28‏،37‏-41)
20ڪن فريسين يسوع کان پڇيو تہ ”ايشور جو راڄ ڪڏهن ايندو؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”ايشور جي راڄ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي. 21ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، راڄ هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ ايشور جو راڄ اوهان جي وچ ۾ آهي.“
22هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين منش‌پتر جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا. 23ماڻهو اوهان کي چوندا تہ ’ڏسو، منش‌پتر هيڏانهن آهي. ڏسو، هوڏانهن آهي.‘ پر متان انهن جي ڳالهين تي لڳي اوڏانهن ڊوڙي وڃو. 24ڏسو، منش‌پتر پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آڪاش ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي. 25پر پهريائين منش‌پتر کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو. 26#پيد 6‏:5‏-8 منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو. 27#پيد 7‏:6‏-24 انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين. 28#پيد 18‏:20‏–19‏:25 ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو، اهي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رهيا. 29پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آڪاش مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين. 30سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت منش‌پتر ظاهر ٿيندو.
31 # مت 24‏:17‏-18، مر 13‏:15‏-16 انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوٺي تي آهي تہ هن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ٻنيءَ ۾ آهي تہ گھر ڏانهن موٽڻ نہ گھرجيس. 32#17‏:32 لوط جي پتنيءَ سدوم شهر کان ڀڄي وڃڻ وقت لوط جي پتنيءَ منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو تہ اها لوڻ جو ٿنڀو ٿي پيئي (ڏسو پيدائش 19‏:26).لوط جي پتنيءَ واري ڳالهہ ياد رکجو. 33#مت 10‏:39، 16‏:25، مر 8‏:35، لو 9‏:24، يو 12‏:25 جيڪو بہ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اها بچائيندو. 34آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 35جيڪڏهن ٻہ ناريون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون، تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 36ٻنيءَ ۾ جيڪڏهن ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“
37 # مت 24‏:28، ايو 39‏:30 چيلن پڇيس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪٿي ٿيندو؟“ يسوع وراڻين تہ #17‏:37 جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان... اصلي متن ۾ هيءَ چوڻي لکيل آهي تہ ”جتي ڍونڍ هوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“”جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“

المحددات الحالية:

لوقا 17: HSB

تمييز النص

شارك

نسخ

None

هل تريد حفظ أبرز أعمالك على جميع أجهزتك؟ قم بالتسجيل أو تسجيل الدخول