پيدائش 7
7
نوح جو ٻوڏ کان بچڻ
1 خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين. 2سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج. 3هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي. 4ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“ 5سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
6جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي. 7#مت 24:38-39، لو 17:27 نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا. 8هر قسم جي پاڪ ۽ ناپاڪ جانورن، پکين ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان جوڙو جوڙو 9نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو. 10ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي.
11 #
2.پط 3:6
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون. 12چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.
13انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا. 14انهن سان گڏ هر قسم جا جانور، ڍور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ هر قسم جا پکي ٻيڙي ۾ چڙهيا. 15سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو يعني نرماد نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا، 16جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
17چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو. 18پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو. 19پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا. 20پاڻي انهن کان بہ ست ميٽر مٿي هو. 21جيڪي بہ ساهوارا ڌرتيءَ تي گھميا پئي، جهڙوڪ پکي، حيوان، جھنگلي جانور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ انسان، سي سڀ مري ويا. 22جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا. 23جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا. 24اهو پاڻي ڏيڍ سؤ ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي بيٺو هو.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.