متي 16:6-18

متي 16:6-18 HSB

”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. پر جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“