متي 13
13
ٻج ڇٽڻ واري جو مثال
(مرقس ۱:۴–۹، لوقا ۴:۸–۸)
1انھيءَ ساڳئي ڏينھن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويھي رھيو. 2#لو ۱:۵–۳ سندس چوڌاري ايترا ماڻھو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي. 3ھو انھن کي ڪيتريون ئي ڳالھيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. ھن چيو تہ ”ھڪ ھاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري، 6جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻتہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون. 8پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“ 9عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن جو مقصد
(مرقس ۱۰:۴–۱۲، لوقا ۹:۸–۱۰)
10پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اوھان اُنھن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالھايو؟“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ، 12#مت ۲۹:۲۵، مر ۲۵:۴، لو ۱۸:۸، ۲۶:۱۹ ڇالاءِجو جنھن وٽ ڪجھہ آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو ھن وٽ آھي. 13آءٌ انھن سان مثالن ۾ انھيءَ ڪري ڳالھايان ٿو جو اھي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي. 14#يس ۹:۶–۱۰ اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ
’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين،
اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين.
15ڇالاءِجو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي،
اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن،
۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن.
انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن،
پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،
۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہتائب ٿين،
۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘
16 # لو ۲۳:۱۰–۲۴ پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا. 17آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جي سمجھاڻي
(مرقس ۱۳:۴–۲۰، لوقا ۱۱:۸–۱۵)
18”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جو مطلب سمجھو. 19اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي. 20ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. 21پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا. 22ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي. 23سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“
ڪانڊيرن جو مثال
24عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو. 25پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو. 26جڏھن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاھر ٿي پيا. 27ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘ 28تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘ 29ھن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇالاءِجو جڏھن اوھين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي. 30ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“
سرنھن جي داڻي ۽ خميري جا مثال
(مرقس ۳۰:۴–۳۲، لوقا ۱۸:۱۳–۱۹)
31عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو. 32جيتوڻيڪ ھو سڀني ٻجن کان ننڍو آھي پر جڏھن اُڀري ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اھو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“
33عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
عيسيٰ جو مثال ڪم آڻڻ
(مرقس ۳۳:۴–۳۴)
34عيسيٰ ميڙن کي ھي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائيندو ھو ۽ مثالن کان سواءِ انھن سان ڪلام نہ ڪندو ھو، 35#زب ۲:۷۸ انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ
”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس
۽ اُھي ڳالھيون چوندس،
جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي
ڳجھيون رکيون ويون آھن.“
ڪانڊيرن جي مثال جي سمجھاڻي
36پ وءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر ھليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آھي؟“ 37تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابنآدم آھي، 38۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا. 39دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ. 40تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. 41ابنآدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا. 42اُھي انھن کي باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا. 43پوءِ سچار پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ سج وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
لڪل خزاني ۽ موتيءَ جا مثال
44”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو.
45آسمان واري بادشاھت موتين جي ھڪڙي سوداگر مثل پڻ آھي، جيڪو عمدا موتي ڳولي ٿو. 46جڏھن ھو ڪو تمام عمدو موتي لھي ٿو تہ پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اھو موتي خريد ڪري ٿو.“
ڄار جو مثال
47”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي. 48جڏھن اھو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مھاڻا ان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ويھي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آھي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا. 49ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا، 50۽ کين باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اُھي رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“
نيون ۽ پراڻيون شيون
51پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھان ھي سڀ ڳالھيون سمجھيون؟“ ھنن وراڻيو تہ ”ھائو.“ 52تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“
عيسيٰ کي ناصرت وارن جو نہ قبولڻ
(مرقس ۱:۶–۶، لوقا ۱۶:۴–۳۰)
53جڏھن عيسيٰ ھي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو 54۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟ 55ڇا ھي ڊکڻ جو پٽ نہ آھي؟ ڇا ھن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آھي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يھوداہ ھن جا ڀائر نہ آھن ڇا؟ 56ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟ ھن ھي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“ 57#يو ۴۴:۴ تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“ 58ھن اُتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻتہ انھن کي يقين ئي ڪونہ ھو.
ప్రస్తుతం ఎంపిక చేయబడింది:
متي 13: SCLNT
హైలైట్
షేర్ చేయి
కాపీ
మీ పరికరాలన్నింటి వ్యాప్తంగా మీ హైలైట్స్ సేవ్ చేయబడాలనుకుంటున్నారా? సైన్ అప్ చేయండి లేదా సైన్ ఇన్ చేయండి
© 2009 Pakistan Bible Society