Logoja YouVersion
Ikona e kërkimit

يوحنا 8

8
عورت جو زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙجڻ
1هوڏانهن عيسيٰ نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليو ويو. 2ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو. 3تڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هڪڙي عورت کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري 4عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! هيءَ عورت زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙي ويئي آهي. 5#لاو 20‏:10، شر 22‏:22‏-24 شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آهي تہ اهڙين عورتن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. هاڻي تون هن بابت ڇا ٿو چوين؟“ 6انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 7جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن عورت کي پٿر هڻي.“ 8پوءِ هو وري نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 9جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي. 10عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي گنهگار قرار ڏئي؟“ 11انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“
عيسيٰ مسيح جي شاهدي سچي آهي
12 # مت 5‏:14، يو 9‏:5 ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“ 13#يو 5‏:31 تنهن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنهنجي شاهدي پاڻ ئي ٿو ڏئين، سو تنهنجي شاهدي سچي نہ سمجھي ويندي.“ 14عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو. 15اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان. 16جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي. 17#شر 19‏:15 اوهان جي پنهنجي ئي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’فيصلي جي ثابتيءَ لاءِ ڪن بہ ٻن شخصن جي شاهدي ضروري آهي.‘ 18سو هڪڙو تہ آءٌ آهيان جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون بابت شاهدي ٿو ڏئي.“ 19تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پيءُ کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.“
20عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.
آءٌ اهو ئي آهيان
21عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“ 22تنهن تي اهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا؟‘ انهيءَ جي معنيٰ تہ هو پنهنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“ 23عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان. 24اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ #8‏:24 آءٌ اهو ئي آهيان اهي لفظ انهيءَ لقب ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جيڪو خدا پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پاڪ ڪلام ۾ استعمال ڪري ٿو (ڏسو خروج 3‏:14، يسعياہ 43‏:10).آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“ 25تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان. 26مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون دنيا کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“
27انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پيءُ بابت ڳالهائي رهيو آهي. 28سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي #8‏:28 مٿي چاڙهيندا ڏسو 7‏:39 ۾ ڏنل سمجھاڻي.مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي. 29جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“ 30تنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ جون هي ڳالهيون ٻڌي مٿس ايمان آندو.
ابراهيم جو نہ، پر ابليس جو اولاد
31پوءِ جن يهودين مٿس ايمان آندو هو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو. 32پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“ 33#مت 3‏:9، لو 3‏:8 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“ 34عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ گناهہ ٿو ڪري سو گناهہ جو غلام آهي. 35ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين. 36تنهنڪري جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.
37آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو. 38آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پيءُ کان ٻڌا آهن.“ 39تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها. 40پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا خدا کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابراهيم تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو. 41اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“ 42عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي. 43اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو. 44اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي. 45تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو. 46اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو گناهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟ 47جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“
عيسيٰ مسيح ۽ ابراهيم
48تڏهن انهن يهودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“ 49عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پيءُ جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جي اوهين بي‌حرمتي ٿا ڪريو. 50آءٌ خود پنهنجي عزت نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجي عزت ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. 51آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“ 52تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘ 53اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“ 54عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ساراهہ ڪريان تہ منهنجي ساراهہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي ساراهہ ڪري ٿو سو منهنجو پيءُ آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو خدا آهي.‘ 55تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو. 56اوهان جي پيءُ ابراهيم کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“ 57تنهن تي انهن چيس تہ ”تون پنجاهہ سالن جو بہ ڪين آهين، پوءِ تو ڪيئن ابراهيم کي ڏٺو؟“ 58عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي #8‏:58 آءٌ آهيان ڏسو آيت 24 ۾ سمجھاڻي.آءٌ آهيان.“ 59تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.

Aktualisht i përzgjedhur:

يوحنا 8: MSB

Thekso

Ndaje

Copy

None

A doni që theksimet tuaja të jenë të ruajtura në të gjitha pajisjet që keni? Regjistrohu ose hyr