Mufananidzo weYouVersion
Mucherechedzo Wekutsvaka

يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا عيسيٰ مسيح جي ٻارهن رسولن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت خوشخبريءَ جي هن مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي خدا جي ابدي ڪلام جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ”انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو“ (1‏:14‏). ليکڪ پنهنجو اصل مقصد هن طرح بيان ڪري ٿو تہ پڙهندڙ ايمان آڻين تہ حضرت عيسيٰ ئي خدا جو فرزند ۽ مسيح آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان هن ۾ زندگي حاصل ڪن (20‏:31‏).
هن مقدس ڪتاب جي شروعات ۾ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ ابدي ڪلام جي حيثيت ۾ ڏني ويئي آهي. انهيءَ جي پهرئين حصي ۾ باب 1‏-12 تائين عيسيٰ مسيح جي طرح طرح جي معجزن کي پيش ڪيو ويو آهي. هر معجزي سان سمجھاڻي ڏني وڃي ٿي، جيڪا ٻڌائي ٿي تہ ان معجزي جي ذريعي ڪهڙو روحاني سبق ظاهر ڪيو ويو آهي. هن حصي ۾ لکيل آهي تہ ڪن ماڻهن ڪيئن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ ان جا پوئلڳ بڻيا، جڏهن تہ ٻين سندس مخالفت ڪئي ۽ ايمان آڻڻ کان انڪار ڪيائون.
ٻئي حصي ۾ باب 13‏-17 تائين عيسيٰ مسيح جي گرفتاريءَ واري رات سندس شاگردن سان قريبي رفاقت جو تفصيلي بيان آهي. ان کان علاوہ پنهنجي شاگردن کي پنهنجي وڃڻ کان پوءِ واري زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ سندن همت‌افزائيءَ جا لفظ پڻ لکيل آهن.
هن مقدس ڪتاب جي آخري بابن ۾ عيسيٰ مسيح جي گرفتاريءَ، کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ، صليب تي چاڙهڻ، سندس مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ ۽ ان کان پوءِ پنهنجي شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ بابت ٻڌايو ويو آهي.
يوحنا جي هن مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليل دائمي زندگيءَ تي زور ڏنو ويو آهي. اها دائمي زندگي هن دنيا ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ انهن کي ملي ٿي، جيڪي عيسيٰ مسيح کي رستو، سچ ۽ زندگي ڪري قبول ڪن ٿا. هن مقدس ڪتاب جي نمايان خاصيت هيءَ آهي تہ انهيءَ ۾ روحاني حقيقتن کي بيان ڪرڻ لاءِ روزاني زندگيءَ جي عام شين کي علامت طور استعمال ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: پاڻي، ماني، روشني، ريڍار ۽ سندس رڍون ۽ انگورن جي ول ۽ ان جو ميوو.
سِٽاءُ
ڪلام ۾ زندگي 1‏:1‏-18
حضرت يحيٰ جي شاهدي ۽ عيسيٰ مسيح جا پهريان شاگرد 1‏:19‏-51
عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم ۽ تبليغ ڪرڻ 2‏:1‏–12‏:50
عيسيٰ مسيح جو صليبي موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 13‏:1‏–19‏:42
عيسيٰ مسيح جو جيئرو ٿي اٿڻ ۽ ڏيکاري ڏيڻ 20‏:1‏-31
گليل علائقي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڏيکاري ڏيڻ 21‏:1‏-25

Sarudza vhesi

Pakurirana nevamwe

Sarudza zvinyorwa izvi

None

Unoda kuti zviratidziro zvako zvichengetedzwe pamidziyo yako yose? Nyoresa kana kuti pinda