16
1اهي سڀ ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهين گمراهہ نہ ٿيو. 2ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادتخانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘ 3اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي. 4مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جڏهن انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي تہ اوهان کي ياد اچي تہ مون انهن بابت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.“
مددگار پاڪ روح جو ڪم
”مون شروع ۾ اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ هئس. 5پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘ 6ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو. 7پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس. 8جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄي دنيا گناهہ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏي نہ گمراهہ ٿيل آهي، 9گناهہ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو ماڻهو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين، 10سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا، 11#يو 12:31 ۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن #16:11 دنيا جي سردار يعني شيطان.دنيا جي سردار کي گنهگار قرار ڏنو ويو آهي.
12مون کي اوهان سان اڃا ٻيون بہ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پر هينئر اوهين اهي سهي ڪين سگھندا. 13تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو. 14اهڙيءَ طرح اهو منهنجو جلوو ظاهر ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندو. 15جيڪي ڪجھہ منهنجي پيءُ جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پاڪ روح منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندو.“
ڏکن پٺيان سک
16عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“ 17تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘ 18انهيءَ ’ٿوريءَ دير‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي تہ سندس ڳالهين جي خبر نہ ٿي پوي.“ 19عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ 20آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. 21جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي. 22اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.
23انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو. 24هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“
دنيا تي فتح
25”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس. 26انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي، 27ڇاڪاڻ تہ پيءُ تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آهيان. 28هائو، آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ هاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“
29تنهن تي شاگردن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو. 30هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“ 31تنهن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهين هاڻي ايمان آڻيو ٿا؟ 32تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون سان گڏ آهي. 33مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“