Mufananidzo weYouVersion
Mucherechedzo Wekutsvaka

پيدائش 11

11
بابل جو منارو
1انهن ڏينهن ۾ جڏهن دنيا جي سڀني ماڻهن جي هڪڙي ئي ٻولي ۽ هڪڙو ئي ڳالهائڻ جو طريقو هو، 2تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.
3اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو. 4پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“ 5تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو. 6خداوند چيو تہ ”جيئن تہ هي سڀ هڪڙي قوم آهن ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ هو ڪرڻ لڳا آهن، اِها انهن جي رڳو شروعات آهي. جلد هو هر اهو ڪم ڪري ويندا، جيڪي ڪجھہ ڪرڻ گھرندا. 7سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“ 8سو خداوند کين اتان سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو تڏهن هنن اهو شهر ٺاهڻ ڇڏي ڏنو. 9ان شهر جو نالو #11‏:9 بابل هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”منجھيل.“بابل پئجي ويو، ڇو تہ اتي خداوند سڀني ماڻهن جي ٻولي منجھائي ڇڏي هئي ۽ اتان انهن کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو هئائين.
سِم جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:24‏-27)
10سِم جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان ٻہ سال پوءِ جڏهن سِم هڪ سؤ سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ارفڪسد نالي هڪ پٽ ڄائو. 11تنهن کان پوءِ هو پنج سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
12جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سِلح نالي پٽ ڄائو. 13پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
14جڏهن سِلح ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس عبر نالي هڪ پٽ ڄائو. 15پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
16جڏهن عبر چوٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس فلج نالي پٽ ڄائو. 17پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
18جڏهن فلج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس رعو نالي هڪ پٽ ڄائو. 19پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ نو سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
20جڏهن رعو ٻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سروج نالي هڪ پٽ ڄائو. 21پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
22جڏهن سروج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس نحور نالي پٽ ڄائو. 23پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
24جڏهن نحور اوڻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس تارح نالي هڪ پٽ ڄائو. 25پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو هڪ سؤ اوڻيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
تارح جو اولاد
26‏-27جڏهن تارح ستر سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ابرام، نحور ۽ حاران نالي ٽي پٽ ڄاوا. حاران کي لوط ڄائو. 28حاران پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ ڪسدين جي اُور شهر ۾ مري ويو. 29کيس ملڪہ ۽ اِسڪہ نالي ڌيئرون پڻ هيون، جن مان نحور ملڪہ سان شادي ڪئي. ابرام سارائيءَ نالي عورت سان شادي ڪئي 30جيڪا سنڍ هئي.
31تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا. 32تارح ٻہ سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ اتي ئي وفات ڪئي.

Zvasarudzwa nguva ino

پيدائش 11: MSB

Sarudza vhesi

Pakurirana nevamwe

Sarudza zvinyorwa izvi

None

Unoda kuti zviratidziro zvako zvichengetedzwe pamidziyo yako yose? Nyoresa kana kuti pinda