Mufananidzo weYouVersion
Mucherechedzo Wekutsvaka

يوحنا 6

6
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14‏:13‏-21، مرقس 6‏:30‏-44، لوقا 9‏:10‏-17)
1 هڪ دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو، 2تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. 3‏-4انهن ڏينهن ۾ يهودين جي فصح جو تهوار ويجھو هو.
اتي يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ هڪڙي ٽڪريءَ تي چڙهي وڃي ويٺو. 5تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“ 6هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي. 7تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ #6‏:7 چانديءَ جي سڪن انهن ڏينهن ۾ هڪ چانديءَ جو سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“ 8پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي چيلي، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ 9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“ 10تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”ماڻهن کي هيٺ ويهاريو.“ جيئن تہ اتي گھڻو گاهہ هو، سو سڀيئي ماڻهو هيٺ ويهي رهيا. انهن ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. 11پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو. 12جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“ 13سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن روٽين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون.
14يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي #6‏:14 ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت ڏسو 1‏:21 ۾ ڏنل سمجھاڻي.ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“ 15پوءِ يسوع ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو راجا بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو.
يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(متي 14‏:22‏-33، مرقس 6‏:45‏-52)
16جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس چيلا ڍنڍ جي ڪناري تي ويا. 17رات ٿي ويئي هئي پر يسوع انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا. 18ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون. 19جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 20پر يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“ 21تڏهن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون ۽ ٻيڙي هڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتي جتي کين وڃڻو هو.
يسوع مسيح جيون جي روٽي
22ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ سڌ هئي تہ يسوع انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چيلن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا. 23ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي. 24سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ يسوع آهي، نڪي سندس چيلا آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.
25ماڻهن جڏهن يسوع کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي گرو! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“ 26يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان چمتڪارن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان روٽيون کائي ڍءُ ڪيو آهي. 27ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“ 28پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان ايشور جي مرضي پوري ٿئي؟“ 29يسوع وراڻيو تہ ”ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي وشواس آڻيو، جنهن کي ايشور موڪليو آهي.“ 30تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟ 31#خر 16‏:4‏،15، زب 78‏:24 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آڪاش مان روٽي ڏني.‘“ 32يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پتا آهي جنهن آڪاش واري روٽي اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آڪاش مان حقيقي روٽي ڏئي ٿو. 33هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“ 34تنهن تي انهن ماڻهن وينتي ڪيس تہ ”سوامي! اسان کي هميشہ اها روٽي ڏيندا ڪريو.“ 35يسوع انهن کي چيو تہ ”جيون جي روٽي آءٌ آهيان. جيڪو مون تي وشواس رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.
36اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ وشواس نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان. 37پر جيڪي پتا مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس. 38آءٌ آڪاش مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. 39جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ انتم ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيوت ڪري اٿاريان. 40هائو، منهنجي پتا جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس پٽ کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس وشواس ٿو آڻي، تنهن کي امر جيون ملي. سو آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس.“
41تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها روٽي آهيان، جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي.“ 42انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“ 43يسوع کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو. 44ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ انتم ڏينهن تي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريندس. 45#يس 54‏:13 سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪڙي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي ايشور کان سکيا حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پتا کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو. 46انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پتا کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پتا کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي. 47آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي. 48هائو، جيون جي روٽي آءٌ ئي آهيان.
49ڏسو، اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، تڏهن بہ مري ويا. 50پر جيڪا حقيقي روٽي آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو. 51آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“
52تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“ 53يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين منش‌پتر جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ جيون نہ هوندو. 54جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جو جيون امر آهي ۽ آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس، 55ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي. 56جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو. 57جهڙيءَ طرح پتا جيڪو جيوت آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري جيوت آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري جيوت رهندو. 58هيءَ اها حقيقي روٽي آهي جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. هيءَ روٽي اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ روٽي کائيندو سو هميشہ جيوت رهندو.“
59هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيندي ٻڌايون هيون.
گھڻن چيلن جو يسوع مسيح کي ڇڏي وڃڻ
60اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“ 61يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀَٽڪائي ٿي ڇا؟ 62ڀلا جيڪڏهن اوهين منش‌پتر کي آڪاش ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ 63جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ. 64تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي وشواس نہ ٿا آڻين.“ يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا وشواس نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. 65هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پتا کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“
66تنهن تي يسوع جا گھڻا ئي چيلا کانئس ڦري موٽي هليا ويا. 67تنهنڪري يسوع انهن ٻارهن چيلن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“ 68#مت 16‏:16، مر 8‏:29، لو 9‏:20 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي. 69اسين اوهان تي وشواس آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو آهي تہ اوهين ئي ايشور جي طرفان پوِتر هستي آهيو.“ 70تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“ 71هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن چيلن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو.

Zvasarudzwa nguva ino

يوحنا 6: HSB

Sarudza vhesi

Pakurirana nevamwe

Sarudza zvinyorwa izvi

None

Unoda kuti zviratidziro zvako zvichengetedzwe pamidziyo yako yose? Nyoresa kana kuti pinda