1
لوقا 40:12
Hindu Sindi Bible NT
تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن منشپتر اچي پهچندو.“
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
لوقا 31:12
سو اوهين پهريائين ايشور جي راڄ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“
3
لوقا 15:12
پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“
4
لوقا 34:12
ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“
5
لوقا 25:12
ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟
6
لوقا 22:12
پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘
7
لوقا 7:12
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
8
لوقا 32:12
يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پتا جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري.
9
لوقا 24:12
ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ ايشور انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.
10
لوقا 29:12
تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.
11
لوقا 28:12
ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.
12
لوقا 2:12
ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo