1
لوقا 13:11
Hindu Sindi Bible NT
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
لوقا 9:11
انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،
3
لوقا 10:11
ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي.
4
لوقا 2:11
يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ ’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي.
5
لوقا 4:11
اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“
6
لوقا 3:11
اسان جي روزانو جي روٽي اسان کي هر روز ڏي.
7
لوقا 34:11
اوهان جون اکيون اوهان جي شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.
8
لوقا 33:11
”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي.
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo