1
يوحنا 16:3
Hindu Sindi Bible NT
HSB
ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.
සසඳන්න
يوحنا 3:16 ගවේෂණය කරන්න
2
يوحنا 17:3
ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.
يوحنا 3:17 ගවේෂණය කරන්න
3
يوحنا 3:3
تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“
يوحنا 3:3 ගවේෂණය කරන්න
4
يوحنا 18:3
جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو.
يوحنا 3:18 ගවේෂණය කරන්න
5
يوحنا 19:3
انهيءَ فيصلي جو سبب هي آهي تہ روشني سنسار ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا.
يوحنا 3:19 ගවේෂණය කරන්න
6
يوحنا 30:3
اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
يوحنا 3:30 ගවේෂණය කරන්න
7
يوحنا 20:3
جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.
يوحنا 3:20 ගවේෂණය කරන්න
8
يوحنا 36:3
جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.
يوحنا 3:36 ගවේෂණය කරන්න
9
يوحنا 14:3
جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منشپتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،
يوحنا 3:14 ගවේෂණය කරන්න
10
يوحنا 35:3
پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.
يوحنا 3:35 ගවේෂණය කරන්න
නිවස
බයිබලය
සැලසුම්
වීඩියෝ