Logótipo YouVersion
Ícone de pesquisa

يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا پرڀو يسوع جي خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن سنتن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت خوشخبريءَ جي هن پوِتر شاستر ۾ پرڀو يسوع کي ايشور جي امر وچن جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ”انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو“ (1‏:14‏). ليکڪ پنهنجو اصل مقصد هن طرح بيان ڪري ٿو تہ پڙهندڙ وشواس آڻين تہ پرڀو يسوع ئي ايشور جو پٽ ۽ مسيح آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان هن ۾ جيون حاصل ڪن (20‏:31‏).
هن پوِتر شاستر جي شروعات ۾ پرڀو يسوع جي سڃاڻپ امر وچن جي حيثيت ۾ ڏني ويئي آهي. انهيءَ جي پهرئين حصي ۾ باب 1‏-12 تائين پرڀو يسوع جي طرح طرح جي چمتڪارن کي پيش ڪيو ويو آهي. هر چمتڪار سان سمجھاڻي ڏني وڃي ٿي، جيڪا ٻڌائي ٿي تہ ان چمتڪار جي ذريعي ڪهڙو آتمڪ سبق ظاهر ڪيو ويو آهي. هن حصي ۾ لکيل آهي تہ ڪن ماڻهن ڪيئن پرڀو يسوع تي وشواس آندو ۽ ان جا پوئلڳ بڻيا، جڏهن تہ ٻين سندس مخالفت ڪئي ۽ وشواس آڻڻ کان انڪار ڪيائون.
ٻئي حصي ۾ باب 13‏-17 تائين پرڀو يسوع جي گرفتاريءَ واري رات سندس چيلن سان قريبي ساٿ جو تفصيلي بيان آهي. ان کان علاوہ پنهنجي چيلن کي پنهنجي وڃڻ کان پوءِ واري جيون لاءِ تيار ڪرڻ ۽ سندن همت‌افزائيءَ جا لفظ پڻ لکيل آهن.
هن پوِتر شاستر جي آخري بابن ۾ پرڀو يسوع جي گرفتاريءَ، کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ، سوليءَ تي چاڙهڻ، سندس مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ ۽ ان کان پوءِ پنهنجي چيلن کي درشن ڏيڻ بابت ٻڌايو ويو آهي.
يوحنا سنت جي هن پوِتر شاستر ۾ پرڀو يسوع جي وسيلي مليل امر جيون تي زور ڏنو ويو آهي. اهو امر جيون هن سنسار ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ انهن کي ملي ٿو جيڪي پرڀو يسوع کي رستو، سچ ۽ جيون ڪري قبول ڪن ٿا. هن پوِتر شاستر جي نمايان خاصيت هيءَ آهي تہ انهيءَ ۾ آتمڪ حقيقتن کي بيان ڪرڻ لاءِ روزاني جيون جي عام شين کي علامت طور استعمال ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: پاڻي، روٽي، روشني، ريڍار ۽ سندس رڍون ۽ انگورن جي ول ۽ ان جو ميوو.
سِٽاءُ
وچن ۾ جيون 1‏:1‏-18
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي شاهدي ۽ پرڀو يسوع جا پهريان چيلا 1‏:19‏-51
پرڀو يسوع جو سيوا وارو ڪم ۽ پرچار ڪرڻ 2‏:1‏–12‏:50
پرڀو يسوع جو سوليءَ وارو موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 13‏:1‏–19‏:42
پرڀو يسوع جو جيوت ٿي اٿڻ ۽ درشن ڏيڻ 20‏:1‏-31
گليل علائقي ۾ هڪ دفعو ٻيهر درشن ڏيڻ 21‏:1‏-25

Atualmente selecionado:

يوحنا ‮تعارف‬: HSB

Destaque

Partilhar

Copiar

None

Quer salvar os seus destaques em todos os seus dispositivos? Faça o seu registo ou inicie sessão